دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پاڪستان انڊر 19 جي مينٽور سرفراز احمد فائنل ۾ فتح تي چيو آهي ته خدا جو شڪر آهي نوجوانن وڏي محنت ڪئي، مون ٿوري رهنمائي ڪئي، نوجوانن کي اعتماد ڏنو ۽ هو اميدن تي پورو لٿا.
دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته مان ڪجهه به ناهي ڪيو، هي سڀ الله جو ڪرم آهي، سڀني محنت ڪئي ۽ نتيجو سڀني جي سامهون آهي، مون ڪو ليڪچر نه ڏنو، رانديگرن ۾ ٽيلنٽ آهي ۽ انهن اهو ٽيلنٽ ميدان ۾ ڏيکاريو.
سرفراز احمد چيو ته پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو هو ته جيڪڏهن فائٽر آهيو ته ٽيم کي فائٽ ڪندي ڏيکاريو ۽ ٽيم دبئي ۾ فائٽ ڪري ڏيکاري.
سندس چوڻ هو ته سمير منھاس دٻاءُ ۾ تمام وڏي ۽ شاندار اننگ کيڏي، ملتان ۾ ڪوچز سمير منھاس سان گهڻي محنت ڪئي ۽ رهنمائي ڪئي ۽ سمير ڏانهن ئي ڪريڊٽ وڃي ٿو.
هن چيو ته بالرن ۾ علي رضا، عبدالسبحان ۽ صائم تمام گهڻي محنت سان بالنگ ڪئي، هي فتح ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، هر رانديگر پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جنهن ٽيم کي چيمپئن بڻايو.
سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته خدا جو جيترو شڪر ڪجي اوترو گهٽ آهي، توهان رڳو سٺي اميد رکندا ته نتيجو به سٺو نڪرندو.
انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کي شڪست، مات مان ڪجهه ناهي ڪيو، هي سڀ الله جو ڪرم آهي: سرفراز احمد
You might also like