آمريڪا جو ”انڊيا فرسٽ“ دور ختم، 2025 پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ انقلابي تبديلي جو سال قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي رسالي واشنگٽن ٽائمز 2025 کي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ انقلابي تبديلي جو سال قرار ڏيندي پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ اهم انڪشاف ڪيا آهن.
رپورٽ موجب آرٽيڪل ۾ ٽرمپ جي پاڪستان بابت پاليسي ۾ حيران ڪندڙ تبديلي جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته واشنگٽن جو ”انڊيا فرسٽ“ دور ختم ٿي ويو ۽ پاڪستان کي اهميت حاصل ٿي وئي، آمريڪي پاليسي شفٽ جو بنياد مئي ۾ پاڪ – ڀارت جنگ بڻيو.
واشنگٽن ٽائمز آرٽيڪل ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاڳاپن جو خاص تجزيو به شامل آهي، واشنگٽن ٽائمز چيو ته پاڪستان ناپسنديده رياست مان ڀائيوار ملڪ بڻجي ويو، آمريڪا لاءِ پاڪستان جي ايتري تيز رفتار اميج بلڊنگ ۽ راءِ تبديل ٿيڻ ناياب ۽ منفرد واقعو آهي، ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا پاليسي ۾ پاڪستان کي مرڪزي ٿنڀ قرار ڏنو ويو آهي.
واشنگٽن ٽائمز موجب شروعات ۾ ڀارت کي ڪواڊ ۽ ٻين فورمز ذريعي بالادست بڻائڻ جي سوچ هئي ۽ اسلام آباد کي سائيڊ لائن ڪرڻ جو امڪان هو پر ڀارت جي سياسي حالتن، شخصي آزادي تي پابندي، ملٽري پرفارمنس ۽ سفارتي سختي ان کي ريجنل اسٽيبلائزر طور شڪي بڻائي ڇڏيو.
واشنگٽن ٽائمز چيو ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري ڳجهي ڪائونٽر ٽيررازم ايڪسچينجز سان آئي، جنهن سان واشنگٽن کي سبسٽينٽو سهڪار جو واضح اشارو مليو، مارچ ۾ ٽرمپ قومي خطاب ۾ پاڪستان جي غير امڪاني تعريف ڪئي، جنهن سان واشنگٽن ۾ پاليسي جو رُخ تبديل ٿي ويو، انگيجمينٽ وڌندي وئي ۽ لاڳاپا ٽرانزيڪشنل مان اسٽريٽجڪ بڻجندا ويا.
واشنگٽن ٽائمز چيو ته پاڪستان جي ملٽري ڪارڪردگي ٽرمپ کي حيران ڪري ڇڏيو، پاڪستاني ڊسيپلين، اسٽريٽجڪ فوڪس ۽ ايسمٽرڪ ڪيپيبلٽي کي آمريڪي اميدن کان گهڻو وقت قرار ڏنو ويو، پاڪستان کي ٻيهر سنجيده ريجنل ايڪٽر طور ڏيکاريو ويو، مئي جنگ کانپوءِ ٽرمپ لاءِ اسٽريٽجڪ نقشو ري ڊرا ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.