ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪي معيشت اهم ڪاميابي ماڻي ورتي، ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا مارچ 2022 کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن.
تازن انگن اکرن موجب مارچ 2022 کانپوءِ پاڪستان جا مجموعي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 21.1 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وٽ موجود ذخيرا 15.9 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي درآمدي صلاحيت 2.6 مهينن کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته فيبروري 2023 ۾ اها صلاحيت رڳو ٻن هفتن کان به گهٽ رهجي وئي هئي.
مرڪزي بينڪ جا ذخيرا 2023 ۾ جتي رڳو 2.9 ارب ڊالرن جي سطح تي اچي ويا هئا، هاڻ اهي وڌي تقريبن 15.9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن.
پاڪستاني معيشت لاءِ سٺي خبر، ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا مارچ 2022 کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي ويا
You might also like