فيلڊ مارشل عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين اعزاز سان نوازيو ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين اعزاز سان نوازيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال، دفاعي ۽ عسڪري سهڪار، اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو عمل ۽ وڌندڙ جاگرافيائي چيلينج شامل هئا.
دوري دوران خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي فرمان تحت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جو اعليٰ ترين قومي اعزاز ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينس به عطا ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.