ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر هڪ ٻئي موٽرسائيڪل سوار جي زندگي ڳڙڪائي ڇڏي، سائيٽ ايريا حبيب بينڪ چوڪ ڀرسان واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو واقعي واري هنڌ ئي لاڏاڻو ڪري ويو، ريسڪيو اختيارين موجب، واٽر ٽينڪر هيٺان اچي فوت ٿيل شهري جو لاش ايڌي رضاڪارن ضابطي جي ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ فوري طور ٿي نه سگهي، جڏهن ته سندس عمر لڳ ڀڳ 30 ورهين جي ويجهو ٻڌائي پئي وڃي، هوڏانهن سائيٽ اي پوليس موجب حادثي کان پوءِ ٽينڪر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واٽر ٽينڪر ۽ فوت ٿيل نوجوان جي موٽرسائيڪل پنهنجي قبضي ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ ۽ فرار ٿيل ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.