ڀارت ۾ ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ 7 هاٿي مري ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ 7 هاٿي مري ويا، جڏهن ته ان دوران مسافر ٽرين جا 5 دٻا به پٽڙي تان لهي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو ڇنڇر جي صبح آسام رياست ۾ پيش آيو، اها ٽرين ميزورم کان تخت گاهه نئين دهلي وڃي رهي هئي، واقعي ۾ ڪنهن به مسافر جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن.
واضح رهي ته ڀارت ۾ موجود 22 هزار هاٿين مان لڳ ڀڳ 4 هزار هاٿي آسام ۾ آهن.
ريلوي ترجمان چيو ته اختيارين هاٿين جي لنگهن لاءِ مقرر ڪيل رستن تي رفتار جي پابندي متعارف ڪرائي آهي پر تازو حادثو انهن زونز کان ٻاهر پيش آيو، پائلٽ هاٿين جي گروهه کي ڏسي هنگامي بريڪ هنئي پر هاٿي ريل سان ٽڪرائجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.