ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته منافق روڊ بلاڪ ڪري خبر ناهي ڪنهن جا مسئلا حل ڪري رهيا آهن.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو روڊ بلاڪ ڪندئو ته تڪليف رڳو عوام کي ٿيندي، ڪراچي جا روڊ توهان جي پيءَ جا ناهن، اسان ڪارروائي ڪنداسين ته پوءِ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندئو.
هن چيو ته ميئر شپ ڪنهن جي پيءُ جي ناهي جو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان، اسان جي ڪمن تي وڃي تختي لڳائيندا آهيو، توهان کي شرم اچڻ گهرجي، هڪ شخص ته لاهور ڀڄي ويو آهي ٻيا به ڀڄي ويندا.
سندس چوڻ هو ته گٽر جو ڍڪ مسئلو ناهي ان جي حفاظت اصل مسئلو آهي، عالمير خان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته اچي اسان سان گڏجي ڪم ڪري، باقي هڪٻئي کي گهٽ نه ڏيکاريو.
ڪراچي جا روڊ توهان جي پيءَ جا ناهن جو بند ڪندئو: مرتضيٰ وهاب جماعت اسلامي کي منافق قرار ڏئي ڇڏيو
You might also like