اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جو غزا ۾ انٽرنيشنل اسٽيبلائيزيشن فورس ۾ پاڪ فوج جي شموليت جي حوالي سان اهم بيان سامهون اچي ويو.
راڻا ثناءُ الله صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ فوج کي غزا ۾ خدمتن جو موقعو مليو ته فلسطيني ڀائرن جي ڀلائي جي جذبي لاءِ ويندي پر آمريڪي صدر يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي فوج کي غزا نه موڪلينداسين.
هن چيو ته فلسطيني ڀائرن جي خدمت جو موقعو مليو ته ضرور وينداسين، ٿي سگهي ٿو ته پاڪ فوج جي غزا ۾ موجودگي کان اسرائيل ئي انڪار ڪري ڇڏي.
You might also like