پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطان جي مالڪي بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 2026 ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ملتان سلطانز جو انتظام سنڀاليندو، ڇو ته موجوده مالڪاڻي حقن وارو معاهدو 31 ڊسمبر 2025 تي ختم ٿي ويندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ان حوالي سان حتمي پاليسي فيصلو هڪ هفتي اندر متوقع آهي.
تجويز ڪيل منصوبي تحت پي سي بي هڪ سال لاءِ ملتان سلطانز جون انتظامي ذميواريون سنڀاليندو، جنهن کان پوءِ 2027 ۾ فرنچائز کي نئين مالڪ ڏانهن نيلا مي ذريعي منتقل ڪيو ويندو.
رپورٽ موجب، فرنچائز جو انتظام سنڀالڻ سان پي سي بي کي هڪ سال دوران اٽڪل 40 لک ڊالر جي بچت ٿي سگهي ٿي، ڇو ته بورڊ کي ان دوران مرڪزي پول مان 30 لک ڊالر ۽ اسپانسرشپ جي مد ۾ واڌو 10 لک ڊالر ادا نه ڪرڻا پوندا.
واضح رهي ته نومبر ۾ ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين سوشل ميڊيا ذريعي فرنچائز کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.