واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالر فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
عالمي بئنڪ طرفان منظوري پاڪستان پبلڪ ريسورسز فار انڪلوزو ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد ميڪرو اقتصادي استحڪام ۽ عوامي خدمتن ۾ بهتري آڻڻ آهي.
عالمي بئنڪ موجب، پروگرام تحت مجموعي طور 1 ارب 35 ڪروڙ ڊالر تائين فنانسنگ فراهم ڪئي ويندي، جنهن مان 600 ملين ڊالر وفاق ۽ 100 ملين ڊالر سنڌ لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فنڊز جي فراهمي اصلاحي هدف حاصل ڪرڻ سان مشروط هوندي.
پروگرام آءِ ايم ايف ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي سان هم آهنگ آهي، جڏهن ته پروگرام تحت سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم لاءِ وسيلن ۾ واڌ متوقع آهي، سڌارن سان شفافيت ۽ عوامي اعتماد ۾ واڌرو ٿيندو.
عالمي بئنڪ پاران پاڪستان لاءِ ستر ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري، ڏهه ڪروڙ سنڌ کي ملندا
You might also like