توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 17،17 سال قيد جي سزا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
اسپيشل جج سينٽرل ارجمند شاهه اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي موجودگيءَ ۾ توشا خانا ٽو ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جڏهن ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪلين مان ڪو به عدالت نه پهتو.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي پي پي سي قلم 409 تحت، 7، 7 سال قيد جي به سزا ٻڌائي وئي ۽ ٻنهي کي گڏيل طور تي 17 سال سزا ٻڌائي وئي.
عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي هڪ ڪروڙ 64 لک رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي.
واضح رهي ته توشا خان ٽو ڪيس جي شورعاتي جاچ نيب ڪئي هئي ۽ نيب ترميمن جي روشني ۾ اِهو ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن منتقل ٿيو، سيپٽمبر 2024ع ۾ ايف آءِ اي جاچ کانپوءِ چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.
توشا خانا جي ٻئي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي تي 12 ڊسمبر 2024ع تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته توشا خانا جي پهرئين ڪيس ۾ عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي بري ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.