سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڏهه هزار ٽن معدني ٿوريم موجود هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) هڪ سائنسي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان جي صحرائي علائقن، خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۾، لڳ ڀڳ 10 هزار ٽن ٿوريم موجود هجڻ جا امڪان آهن، جيڪو مستقبل ۾ توانائي بحران ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ماهرن موجب ٿوريم کي مولٽن سالٽ ريئڪٽرز ۾ استعمال ڪري يورينيم-233 تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن ذريعي بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي. رپورٽ مطابق رڳو هڪ ٽن ٿوريم مان 35 لک ٽن ڪوئلي جي برابر توانائي حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا وڌيڪ صاف ۽ موثر سمجهي وڃي ٿي. چين هن وقت گوبي رڻ ۾ دنيا جو پهريون ٿوريم تي هلندڙ مولٽن سالٽ ريئڪٽر تعمير ڪري رهيو آهي. توانائي ماهرن جو چوڻ آهي ته چين سان فني سهڪار ذريعي پاڪستان به اهڙا ريئڪٽر قائم ڪري سگهي ٿو يا چين مان ٿوريم درآمد ڪري سستي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿر رڻ جي نگرپارڪر گرينائيٽس ۾ ٿوريم ۽ يورينيم جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن، جيڪي علائقي جي گرمي پيدا ڪرڻ واري صلاحيت سان جڙيل آهن. ماهرن موجب سنڌ، خاص طور ٿر جو علائقو، مستقبل ۾ ايٽمي توانائي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.