سنڌ ۾ ادبي ميلن جي آيل صحتمند موسم

                 اها ڪيڏي نه اطمينان، خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته جيئن موسمن، فصلن، فروٽن وغيره جي موسم ٿيندي آهي تيئن ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ ادبي ميلن جيا موسم به متعارف ٿي چڪي آهي. انهيءَ ڳالهه تي ان ڪري اطمينان، خوشي ۽ فخر جو اظهار ڪجي ٿو ته اهي ادبي ميلا سنڌي عوام جي ادبي، سياسي، سماجي، علمي ۽ تاريخي شعور جي خود ڪفيلي جو اظهار آهن. هاڻي ته سائنسي، تعليمي، زرعي ۽ پاڻي جا ميلا به ٿيڻ لڳا آهن. جڏهن ته پهريون اسان وٽ ثقافتي ميلن ملاکڙن جو رواج هوندو هو جيڪي عام ماڻهن جي تفريح جو تمام وڏو ۽ سستو ذريعو هوندا هئا. اهو سنڌي قوم جو شعور ئي آهي جنهن انهن  ثقافتي ۽ تفريحي ميلن کي شعوري رنگ ڏنو آهي. ايئن به ناهي ته انهن ادبي ميلن ۾ رڳو ادب، ادبي صنفن ۽ ڪتابن تي ڳالهايو ويندو آهي پر انهن ۾ سياست، تاريخ، ميڊيا، سماجيات، سنڌو درياهه، معدني وسيلن، حڪومتي ۽ انتظامي مامرن، پرڏيهي واءُ سواءُ، عورتن، نوجوانن، شاگردن، تعليمي مسئلن، موسيقي، فلمن، ڊرامن، مصوري تصوف وغيره جي موضوعن تي خاص سيشن رکيا ويندا آهن ۽ ايئن مجموعي طور تي انهن تي رڳو ڳالهايو ويندو آهي پر بحث مباحثو ۽ مڪالمو به ڪيو ويندو آهي جيڪو انهن موضوعن جو مجموعي جائزو وٺي هڪ  نتيجو به مهيا ڪندو آهي.

اسان وٽ انهن ادبي ميلن جي شروعات اياز ميلي کان ٿي هئي جنهن جو يارنهون ميلو ڪالهه کان حيدرآباد ۾ شروع ٿي چڪو آهي. اها به خوشي، اطمينان ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته ان ادبي ميلي جي شروعات عورتن جي ٽيم ڪئي ۽ اها به  وڏي ڳالهه آهي ته انهن نه رڳو اياز ميلي کي پنهنجي ڪمال جي انتظامي صلاحيتن سان مستقل ۽ ڪامياب ڪرائي ڏيکاريو پر ٻين ماڻهن کي به اتساهه ڏنو جنهن نتيجي ۾ پوءِ ادبي ميلن جي انگ ۾ پڻ واڌارو آيو.

سنڌ جي انهن ادبي  ميلن جا فائدا ڳڻائجن ته ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. انهن ادبي ميلن سان ڪتابن جي وڪري ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي جنهن سان ڪتابن کي پڙهڻ جو لاڙو پڻ وڌندو نظر اچي ٿو ۽ اهو ڏسي خوشي ٿيندي آهي ته ڪتاب خريدڻ ۽ پڙهڻ جو لاڙو نوجوانن ۾خاص طور تي وڌيو آهي. ٻيو ته انهن ادبي ميلن جي ذريعي پڙهيل لکيل دانشورطبقي کي گڏجڻ جو عظيم موقعو ملي ٿو، روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ ۽ فڪر جي ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏجڻ غير معمولي عمل رهيو آهي جنهن جو هميشه کان سنڌ کي فائدو رسيو آهي. اها به حقيقت آهي ته سنڌي عوام جي شعوري تعمير ۾ سنڌي اديبن ۽ دانشورن جو هر دور م نمايان ڪردار رهيو آهي تنهن ڪري سنڌي عوام جي ۽ خاص ڪري نوجوانن جي اها خوش قسمتي آهي ته کين انهن ادبي ميلن ۾ اهڙن رهنمائي ڏيندڙ اديبن ۽ دانشورن سان ملڻ جو  ۽ سکڻ جو سونهري موقعو ملندو آهي. مطلب ته علم، عقل، فڪر جون ڳالهيون ٿينديون آهن جن سان مجموعي طور تي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ئي فائدو رسندو آهي. اهي ادبي ميلا راءِ عامه جوڙڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن.

 اسان جيڪڏهن تاريخي جدلياتي ماديت جي تسلسل ۾ اڄ جي سنڌ کي ڏسون ۽ ان جي ڪامرانين  تي ڳالهايون ته ادبي ميلن ۽ ثقافتي عالمي ڏينهن کي پڻ اسان وڏين ڪاميابين ۾ شمار ڪنداسين ۽ اهو معرڪو سنڌي قوم جي اٿاهه ادبي ۽ فڪري شعور جو مظهر آهي. جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون ته اياز ميلو جي شروعات اسان جي سماج نمائنده ۽ باشعور عورتن جي ٽيم ڪيو آهي ۽ عورتن جي ان ٽيم آرگنائيزر طور نه رڳو پنهنجين انفرادي صلاحيتن کي مڃايو آهي پر انهن مجموعي طور تي عورتن جي صلاحيتن ۾ ايمان کي مضبوط به ڪيو آهي. ايئن اڄ جي سنڌي عورت سنڌي سماج جي شعوري ۽ فڪري اڳواڻي پڻ رهي ڪري آهي. ان ڪري اسان سڀني کي اياز ميلي جي ان عورتن جي ٽيم جنهن جي اڳواڻي امر سنڌو، عرفانه ملاح ڪري رهيون آهن تن جي وڏي پئماني تي همت افزائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي ٻين عورتن ۾ به سماج جي اڳواڻي ڪرڻ جو جوش ۽ جذبو پيدا ٿئي.

اهڙن ادبي ميلن ۾ يقينن انتظامي ڪوتاهيون به ٿينديون هونديون، ادبي ويهڪن، موضوعن ۽ شخصيتن جي چونڊ ٿي ٻي راءِ به اچي سگهي ٿي جيڪو فطري ردعمل آهي پر ان تنقيد کي پنهنجي ذات تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن مونکي فرد واحد کي ڪو موقعو نه مليو ته ميلي جي منتظمين خلاف مهم هلائجي. اهڙي منفي مهم کان ان احساس وچان پاسو ڪرڻ گهرجي ته ادبي ميلا پهريان ۽ آخري ناهن، يقينن سڀني کي موقعو ملندو ۽ ملندو رهندو به آهي سو صحتمند سوچ جي تقاضا اها آهي ته اجتماعي مفاد کي اوليت ڏجي ته ذاتي مفاد کي نظرانداز ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪجي.

مجموعي طور تي ڏسجي ته اهي ادبي ميلا جيڪڏهن مچندا ۽ وڌندا رهندا ته هڪڙن غير صحتمند انسان ۽ ماحول دشمن سرگرمين جي رستا روڪ ٿيندي ويندي ۽ انهن جي جاءِ صحتمند سرگرميون والاريندي والاريندي نيٺ کين ناڪ آئوٽ ڪري وجهنديون، ان اميد سان اچو ته ادبي ميلن جي همت افزائي ڪريون ۽ انهن کي مچائڻ ۾ پنهنجي حصي جو هاڪاري ڪردار ادا ڪريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.