محمد علي پٺاڻ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو نثر نويس ۽ شاعر آهي. هُن کي لکڻ جو پورهيو ڪندي، گذريل سال 50 ورهيه ٿي چڪا آهن يعني گولڊن جوبلي، جيڪو هڪ وڏو اعزاز آهي. هُو پنھنجي رويي ۽ مزاج ۾ هميشه اَڻٿَڪ ۽ اڳتي وڌندڙ اديب رهيو آهي. هُو دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پانڌيئڙو آهي، ۽ سدائين شاهه سائينءَ جي ان فِڪر تي عمل ڪندڙ رهيو آهي ته ’هَڻڻ، هَڪلَڻ، ٻيلِي سارڻ، مانجهيان اِيءُ مَرَڪُ‘.
محمد علي پٺاڻ پاران ڏنل تعارف ۾، سندس جنم جي تاريخ 3 فيبروري 1962ع ڄاڻايل آهي، جڏهن ته 1974ع کان سندس ادبي جنم ٿيل آهي. جيئن زندگيءَ جا سَھسِين روپ ۽ رنگ ٿين ٿا، ايئن ادب جا به انيڪ روپ ۽ رنگ ٿين ٿا. محمد علي پٺاڻ جي ادبي فڪر ۽ فن جا اهي انيڪ روپ ۽ رنگ، سن 1988ع ۾ سندس ڇپيل پھرئين ڪتاب کان وٺي، موجوده ڪتاب وسيلي اسان آڏو ايندا وڃن ٿا جيڪي اسان کي احساس ٿا ڏيارين ته هُو نثر ۽ نظم جي ٻن وڏن ڀاڱن جي شاهراهن منجهان نڪرندڙ انيڪ راهن تي هلندڙ پيار جو پانڌِي آهي.
مون، محمد علي پٺاڻ جي هِن ڪتاب ”چوڏهينءَ چنڊ ۽ چارا“ کان اڳ، سندس هڪ ڪتاب ”روشنيءَ راهون“ (2023ع) ۾، هُن بابت هڪ پئراگراف ۾ لکيو آهي ته ”محمد علي پٺاڻ جو شمار سنڌ جي انهن معروف ۽ مقبول اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن مسلسل لکيو آهي، گهڻو لکيو آهي، سٺو لکيو آهي ۽ ڀرپور لکيو آهي، ته اوترو ئي وري ڇپجندو به رهيو آهي، اخبارن ۽ رسالن ۾ به، ته ڪتابن جي مجموعن جي صورت ۾ به. هُن نثرِي صنفن مان ڪھاڻين، ڊرامن، مضمونن، مقالن، پيش لفظن، مھاڳن، تاثرن، تقريرن، ڪالمن، خطن وغيره ۾ لکيو آهي ۽ شعرِي صنفن مان خاص ڪري نظمن، آزاد نظمن، نثري نظمن، غزلن، چوسٽن، بيتن، دوهن، وائيُن، گيتن کي سَرجيو آهي. هُو خاص ڪري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامانگار جِي حيثيت، بنا ڪنھن وڌاءَ جي، لھڻي ٿو.“
محمد علي پٺاڻ جا ڇپيل ڪتاب اهڙي شاهدي پوري سگهه سان ڏئي رهيا آهن. اها نھايت ڀلي ڳالهه آهي ته هُن پنھنجين سمورين لکتن کي ڀليءَ ڀت سنڀاليو آهي، جن کي هُو گذريل ڪجهه سالن کان مرتب ڪري، ڪتابي روپن ۾ ڇپرائيندو رهيو آهي. ٻئي پاسي، اها پڻ سٺي ڳالهه آهي ته محمد علي پٺاڻ جي ادبي ڪم تي تحقيق ۽ تاليف جي ابتدا ٿي چڪي آهي، پر سندس ڪم جي ڪَٿ پوريءَ طرح ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، ڇاڪاڻ ته سندس ادبي پورهيو اڃا ڇپجي رهيو آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو مسئلو اهو پڻ آهي، ته اسان وٽ صحيح ڪَٿ ڪري سگهندڙ نقادن، استادن ۽ عالمن جي ٿورائي آهي، جنھنڪري مختلف اديبن جي قدر ۽ مڃتا ۾، ڪن حالتن ۾ گهڻو وقت لڳي ٿو، ته ڪن حالتن ۾ اهو ڪم نه به ٿئي ٿو، جنھن سان اهم تخليقون پنھنجي جوڳي اهميت ۽ مڃتا کان وانجهيل ئي رهجي وڃن ٿيون.
محمد علي پٺاڻ جو هيءُ ڪتاب ”چوڏهينءَ چنڊ ۽ چارا“ سندس لکيل مھاڳن ۽ تبصرن جي سھيڙ تي مشتمل آهي، جيڪو سندس اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”روشنيءَ راهون“ جو تسلسل آهي. مون اُن ڪتاب تي، ”روشني ته زندگي آهي“ عنوان سان، مفصل پيش لفظ لکيو هو، جنھن ۾ مختلف ڪتابن تي لکيل سندس ٻه پيش لفظ ۽ سترهن مھاڳ سھيڙيل هئا، جيڪي هُن ڏهن شعري ۽ نوَن نثري ڪتابن تي لکيا هئا. نئين ڪتاب ”چوڏهينءَ چنڊ ۽ چارا“ ۾ ڇهه مھاڳ ۽ پنج تبصرا سھيڙيل آهن. ان لحاظ کان ٻنهي ڪتابن ۾ شامل 2 پيش لفظ، 23 مھاڳ ۽ 5 تبصرا تنقيدي ادب جي کاتي ۾، اهم اضافو آهن، جيتوڻيڪ مھاڳن، پيش لفظن ۽ خاص ڪري تبصرن تي مشتمل لکتن ۾ اتساهه ۽ واکاڻ نمايان رهي ٿي. هتي هڪ ڳالهه هيءَ پڻ چِٽي آهي ته محمد علي پٺاڻ بنيادي طور ننڍيءَ توڙي وڏيءَ ڄمار وارن ليکڪن کي اتساهيندو رهندو آهي، ته اُهي مسلسل لکندا رهن، ۽ جيڪڏهن لکڻ ڇڏي ويا آهن ته ٻيھر لکڻ جي ڪِرت ڪن، ۽ پوءِ هُو ذاتي طور انهن لکتن کي ڇپرائڻ ۾ پڻ ٻانھن ٻيلي ٿيندو رهندو آهي.
محمد علي پٺاڻ جا پنج مھاڳ هنن ڪتابن تي لکيل آهن:
- بادل جماليءَ جو ڪھاڻي-ڪتاب: آخري واردات
- ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ جو ڪھاڻي-ڪتاب: وِيھه تولا سونُ
- پروفيسر مشتاق مھر جو شعري مجموعو: اسين منصور جا نعرا
- دادلي زهراڻيءَ جي انگريزي شعري ڳُٽڪي ”Unwhispered Voices“ جو باقر عليءَ پاران سنڌيءَ ۾ ترجمو: اڻ چيل ڳالهيون
- ڄام صنم سنڌيءَ جو شعري مجموعو: صنم سرجيا غزل
- رفيعه بخاريءَ جو انگريزي شاعريءَ جو سڪندر عباسيءَ پاران ڪيل سنڌي ترجمو: پينگهو
محمد علي پٺاڻ پاڻَ ڪھاڻيڪار ۽ شاعر آهي، ان ڪري هُو ڪھاڻيءَ ۽ شاعريءَ جي فڪر ۽ فن کي بخوبي سمجهي ٿو. هُن ڇھن ئي ڪتابن جي مھاڳن ۾، تفصيل سان، انهن ڪتابن جي فڪرِي ۽ فنِي خوبين کي نروار ڪيو آهي، جنھن ۾ سندس اتساهه ڏيارڻ ۽ گهڻي تعريف واري سوچ پڻ نمايان آهي. مثال طور هُو نامياري ۽ سينئر ڪھاڻيڪار بادل جمالي جي ڪتاب تي لکيل مھاڳ جو اختتام ڪندي لکي ٿو: ”مجموعي طور تي ھِن سڄي ڪھاڻي ڪتاب ۾ ھونئن ته ھر ڪھاڻي پنھنجي مُک مان ساهُه کڻندي نظر اچي ٿي ۽ فن ۽ فڪر جي انوکي خوشبوءِ سان ادب جي ڀونئرن کي ڀِرَڻَ تي مجبور ڪري ٿي، پر ٽائيٽل ڪھاڻي چوراڻي بھادري، خوبصورت ٻولي، شاندار تسلسل ۽ بھترين ڪردار نگاريءَ جي حوالي سان سنڌي ڪلاسيڪل ادب جي تاريخ ۾ سدائين يادگار بڻيل رھندي. آخر ۾ ايترو چوڻ ضروري سمجهان ٿو ته، بادل جمالي صاحب جي ھن پنجين ڪتاب به سنڌي ڪھاڻيءَ جي مُھانڊي کي اڳين چئن ڪتابن جيان نئون ۽ کڙائون سونو نڪ عطا ڪيو آهي، جنھن لاءِ اڻڳڻين مبارڪن جون مالهائون کيس پھرائيندي مان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريان ٿو.“ يا رفيعه بخاريءَ جي ڪتاب جو ٽائيٽل نظم ’پينگهو‘، جيڪو اٽڪل ڇھن صفحن تي مشتمل آهي، ڏيڻ کان پوءِ لکي ٿو: ”هي شاعري موضوعن، بيان، منظر نگاريءَ ۾ ته غير روايتي آهي، پر احساسن جي اُڻت ۾ به ان جو روپ سروپ جُدارو آهي. ان ۾ ڪنھن ٻئي جي خيالن جي آميزش نه آهي. هي نِجُ پِجُ هن جي پنھنجي دماغ جي وسعتن مان پاڻ مرادو پيدا ٿي پيل آهي، جنھن ۾ جيڏي سادگي آهي، اوڏي فڪري گَھِرائي آهي. هوءَ شعر ٺاهي نه ٿي، پر اهي خود بخود ٺھِي پوندڙ آهن.“
بھرحال، هڪ ڳالهه چِٽي آهي ته انهن مھاڳن ۾ محمد علي پٺاڻ ڪھاڻين ۽ شعرن جي سٺن ۽ مثبت پاسن کي، سٺيءَ ريت پڌرو ڪيو آهي.
محمد علي پٺاڻ جي هِن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو، ’تبصرا‘ جي عنوان سان، هيٺينءَ ريت آهي:
- منظور ڪوهيار جو ناول: طريقت جو سج
- منظور ڪوهيار جو ڪھاڻي-ڪتاب: گهر ۽ گراموفون
- منظور ڪوهيار جي ڪھاڻي ’ساڌ‘ جو اڀياس
- انور شيخ جو ناول: اڻ سڄاتل
- مختيار سمي جو مضمونن جو ڪتاب: دنيا جون درسگاهون
انهن ’تبصرن‘ ۾، منظور ڪوهيار صاحب جي ناول تي لکيل تبصرو، ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ لکڻ ڪري تبصري طور ڳڻيو ويو آهي، نه ته اهو هڪ اڀياس محسوس ٿئي ٿو. اها ئي ڳالهه منظور ڪوهيار جي ڪھاڻي-ڪتاب تي ڪيل تبصري بابت به آهي، جيڪو تبصري بدران پيش لفظ/مھاڳ جو ڏيک ڏيندڙ ۽ سڀني ڪھاڻين جو جائزو پيش ڪندڙ ۽ 13 صفحن تي مشتمل آهي. هُو ان ’تبصري‘ جي پڇاڙيءَ ۾ لکي ٿو: ”هِن ڪتاب ۾ شامل منظور ڪوهيار صاحب جي سمورين ڪھاڻين مان گذري جڏهن ڪتاب بند ڪري رکيو اٿم، ته هڪ سِٽَ ۾ ان لاءِ اها راءِ اندر مان ڪنڌ مٿي ڪري بيٺي آ، ته هُن اسان جي پڙهندڙ کي سنڌي ڪھاڻيءَ جو آب تاب موٽائي ڏنو آ. سو به سڄي مجموعي جي سڀني ڪھاڻين ۾. جن جي معيار جون ڪھاڻيون ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي ئي سالن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون.“ ساڳيءَ طرح منظور ڪوهيار صاحب جي ئي صرف هڪڙي ڪھاڻيءَ ’ساڌ‘ تي 14 صفحن تي پکڙيل ليک ته پيش ئي ’اڀياس‘ طور ڪيل آهي، جنھن کي ڪنھن به ريت تبصرو ڪوٺي نه ٿو سگهجي. انور شيخ صاحب جي ناول تي لکيل تبصرو پڻ پيش لفظ جھڙي نوعيت رکندڙ آهي، البت مختيار سمي جي ڪتاب تي لکيل تبصرو، ڪتاب جو تعارف آهي. ان لحاظ کان، هيءُ ڀاڱو پنجن ’اڀياسن‘ ۽ هڪَ ’تبصري/تعارف‘ تي مشتمل آهي.
محمد علي پٺاڻ صاحب جو هيءُ ڪتاب عَملي تنقيدي ادب ۾ هڪ سٺو واڌارو آهي. ڪتاب جي اشاعت سُونھندڙ سَوَڻ آهي، جنھن تي پٺاڻ صاحب کي واڌايون ڏجن ٿيون.
(نوٽ: ڪتاب جي مھورتي تقريب اڄ "انجمن ترقي پسند مصنفين” ڪراچي چيئر پاران سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سھڪار سان منعقد ڪئي وئي آهي)