واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي برائون يونيورسٽي ۾ فائرنگ سبب ٻن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي کانپوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي گرين ڪارڊ لاٽري پروگرام عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي.
ان پروگرام تحت آمريڪا هر سال اهڙن ملڪن جي شهرين کي لاٽري ذريعي پنجاهه هزار ويزائون ڏيندو آهي، جنهن جي آمريڪا ۾ اميگريشن شرح گهٽ آهي.
آمريڪي گهرو وزير ڪرسٽي نوم چيو آهي ته صدر پروگرام کي عارضي طور تي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن وڌيڪ وڌيڪ ڪنهن آمريڪي کي هن تباهه ڪندڙ پروگرام سبب نقصان نه ٿئي.
ياد رهي ته گذريل هفتي برائون يونيورسٽي ۾ ٿيل فائرنگ جي شڪي حملي آور جو تعلق پرتگال سان آهي، هو سال 2017ع ۾ لاٽري پروگرام تحت آمريڪا آيا هو ۽ کيس بعد ۾ گرين ڪارڊ ملي ويو هو.
You might also like