ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٽريوس هيڊ جي ناٽ آئوٽ سينچريءَ جي مدد سان ٽِين ٽيسٽ ۽ ايشز سيريز تي پنهنجي پڪڙي مضبوط ڪري ورتي.
ميچ جي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگ ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 271 رنسون ٺاهي انگلينڊ جي خلاف 356 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ٽريوس هيڊ 142 ۽ اليڪس ڪيري 52 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
ٽريوس هيڊ جي سينچري جي خاص ڳالهه اها آهي ته 99 رنسن تي هيري بروڪ سندس ڪچ ڊراپ ڪيو هو.
پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي فتح ڏياريندڙ هيڊ پنهنجي هوم گرائونڊ تي لاڳيتو چوٿين سينچري اسڪر ڪئي.
ٻين رانديگرن ۾ عثمان خواجا 40، مارنس لبوشين 13، ڪيمرون گرين 7 ۽ جيڪ ويدرالڊ هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو.
انگلينڊ جي جوش ٽنگ 2، جڏهن ته برائيڊن ڪارز ۽ ول جيڪ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ انگلش ٽيم آسٽريليا جي پهرين اننگز 371 رنسن جي جواب ۾ 286 رنس تي ڍير ٿي وئي، انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس 83 ۽ جوفرا آرچر 51 رنسون ٺاهي اڳڀرا.
واضح رهي ته آسٽريليا جي پهرين اننگز ۾ اليڪس ڪيري سينچري اسڪور ڪئي هئي، ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڏکڻ آسٽريليا سان تعلق رکندڙ ٻن بيٽرن ايڊيليڊ ۾ هڪ ئي ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.
You might also like