انڊر 19 ايشيا ڪپ: پاڪستان جي بنگلاديش کي شڪست، آخري دنگل ڀارت سان ٿيندو

دبئي (ويب ڊيسڪ)انڊر 19 ايشيا ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 8 وڪيٽن سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
دبئي ۾ ٿيل ٻئي سيمي فائنل ۾ بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي 27 هين اوور ۾ 121 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، سميع النبصير 33 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڪپتان عزيز الحڪيم 20، رفعت بيگ 14، شيخ پرويز جبون 9، جواد ابرار 9، ڪلام صديقي 8، فريد حسن 7، محمد عبدالله 5، ايم ڊي سوبج 2 ۽ سعد اسلام ٻڙي تي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان جي عبدالسبحان ۽ حذيفه احسن ترتيبوار چار۽ ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته علي رضا، محمد صيام ۽ احمد حسين جي حصي ۾ هڪ، هڪ آئي.
پاڪستان 122 رنسن جو هدف 17هين اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان جي سمير منهاس 69 رنسن ناٽ آئوٽ اننگزي کيڏي، جڏهن ته عثمان خان 27 ۽ احمد حسين 11 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان جانب اقبال حسين ايمان ۽ سميع النبصير هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
شاندار بالنگ تي عبدالسبحان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٽورنامينٽ جو فائنل روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 21 ڊسمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.