ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته ڪاغذ تي لاڳو غير ضروري ٽيڪس نه رڳو ڪتابن جي ڇپائي سان لاڳاپيل صنعت کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي، پر ان سبب سماج ۾ مطالعي ڪرڻ جو لاڙو به تيزي سان متاثر ٿي رهيو آهي. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪتاب ڇاپيندڙن تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي آڻي وڃي، ته جيئن وڌ کان وڌ ڪتاب شايع ٿي سگهن هن چيو ته نوجوانن کي ٻيهر ڪتابن ڏانهن راغب ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته مصنوعي ذهانت ڪنهن به صورت ۾ ڪتاب جو متبادل نٿي بڻجي سگهي،هن چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪتاب چوري ڪندو هئس،ان وقت ان کي چوري نه سمجهندو هئس انهن خيالن جو اظهار هن اڄ ڪراچي ۾ “ڪراچي عالمي ڪتاب ميلي” جي افتتاح کان پوءِ منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پنج ڏينهن وارو ڪتاب ميلو ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو آهي، جيڪو 22 ڊسمبر تائين جاري رهندو. سيد سردار علي شاهه جي ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ۾ آمد تي بڪ پبلشرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڪامران نوراني، وائس چيئرمين نديم مظهر، ڪنوئينر وقار متين پاران آڌرڀاءُ ڪيو ويو، جڏهن ته ڊپٽي ڪنوئينر ناصر حسين، نيشنل بڪ فائونڊيشن جي مراد علي ۽ ايونٽ اينڊ ڪانفرنس انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر راشد الحق به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڪتاب مهانگا ٿيڻ سبب عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندا پيا وڃن، جڏهن ته مقامي سطح تي ڪتاب ڇپجڻ ۾ به گهٽتائي آئي آهي. ڪامران نوراني چيو ته ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وڌائڻ لاءِ والدين، استاد ۽ سماج جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نيشنل بڪ فائونڊيشن جي مراد علي چيو ته ڪتاب ثقافت جي واڌاري جو ذريعو آهن، ٽيڪنالاجي اچڻ کان پوءِ ڪتاب ميلا ۽ آن لائين ذريعا ئي ڪتابن جي وڪري جا اهم وسيلا بڻجي ويا آهن. ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر 2025، 18 کان 22 ڊسمبر تائين ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ جاري رهندو.