بلڙي شاهه ڪريم(رپورٽ: الطاف حسين رند) بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان يوسي سعيد خان لنڊ ۾ مولانا راشد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 27هين آئيني ترميم کي مڪمل رد ڪيون ٿا، سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، پارتي 27 هين آئيني ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿي، ڪنهن به فرد کي هميشه لاءِ قانوني ڇوٽ ڏيڻ نه صرف قانوني پر مذهبي طور تي به غلط عمل آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙي ڪا مثال نٿي ملي جتي ڪنهن کي تاحيات ڇوٽ مليل هجي، 28 هين ترميم بابت هن وقت تائين صرف افواهون هلي رهيون آهن، جيستائين ڪو باقاعدي مسودو سامهون نٿو اچي، تيستائين ان تي ڳالهائڻ وقت جو زيان آهي، هن موجوده حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ کي لٽيو پيو وڃي ۽ عوام کي رڳو بيوقوف بڻايو پيو وڃي، نوان صوبا ٺاهڻ واري بحث تي تبصرو ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ واضح ڪيو ته جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جو عوام نوان صوبا گهري ٿو ته اتي ڀلي ٺاهيا وڃن، پر سنڌ جي عوام ورهاست کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ ڪجهه ڌريون مهاجر ڪارڊ استعمال ڪري رهيون آهن، ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻي ‘سنڌ ڪارڊ’ کيڏي رهي آهي حقيقت ۾ انهن ٻنهي ڌرين کي سنڌ سان ڪا به محبت ناهي، اهي صرف پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهين ٿا.