اسلام ڪوٽ(ت ر) اسلام ڪوٽ ۾ ٿر سٽيزن فورم طرفان ٿر ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،جنهن ۾ سماجي اڳواڻن، وڪيلن، عورتن ۽ نوجوانن سميت سرڪاري اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي،ڪانفرنس ۽ فيسٽيول ۾ پاڻي، زمين ۽ ماحوليات جي ماهرن پروفيسر ڊاڪٽر امير ابڙو، پروفيسر ذوالفقار مري، پروفيسر ڀواني شنڪر، سگا اڳواڻ ولي محمد روشن، چيئرمين اوڀايو جوڻيجو، الهرکيو کوسو،قربان سميجو،امتياز نور ڪنڀر، عظمي ابڙينگ، جي ايم سونهاراڻي، اعجاز بجير، ۽ ٻين پنهنجو موقف بيان ڪندي چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۽ بجلي جي منصوبن سان لاڳاپيل مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، ماحول، پاڻي ۽ زمين جي تباهيءَ تي غور ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ مطالبا پيش ڪيا، شرڪت ڪندڙن سڄاڻ اڳواڻن ٿر ۾ وڌندڙ مسئلن کي سنگين ۽ انساني زندگيءَ لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته ٿر ڪول منصوبا ۽ ٻين ترقياتي سرگرمين ماحولياتي تباهين ۽ سماجي مسئلن ۾ تيزي سان اضافو ڪيو آهي، ان کان سواءِ، مقامي ماڻهن جي وسيلن جي زوال، زمين جو بنجر ٿيڻ، ۽ جر جي پاڻي جي آلودگي کي وڏو چئلينج قرار ڏنو ويو، ٿر ۾ جر جو پاڻي وافر مقدار ۾ نڪرڻ ڪري جر سڪي رھيو آھي ۽ پاڻي جو بحران تيزي سان وڌي رهيو آهي. ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ زهريلي پاڻي کي بنا ڪنهن ٽريٽمينٽ جي کليل ميدانن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب جر جو پاڻي زهريلو ۽ انسانن جي استعمال لائق نه رهيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي چيو ته موسمي تبديلي جا ناڪاري اثر دنيا ۾ ماحوليات لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندا وڃن پيا انھي عمل ۾ انساني ترقي سبب خاص طور تي سڌريل دنيا جي ملڪن طرفان صنعتي ترقي ۾ گرين ھائوس گيسن بشمول ڪاربان جي اضافي استعمال توڙي اخراج سبب ماحوليات جي بگاڙ ڪارڻ پيدا ٿيندڙ ناڪاري اثرن خاص طور تي قدرتي آفتن جھڙن مسئلن ڪري پاڪستان انھن چند ملڪن جي پھرين صف ۾ شامل آھي جن جو ڪاربان اخراج ۾ تمام معمولي حصو رھيو آھي پر ان جي ابتڙ بدقسمتي سان ماحوليات جي ناڪاري اثرن جي زد ۾ اچي ڀوڳيندڙ چند ملڪن جي لسٽ ۾ پڻ پاڪستان جو شمار اول اچي ٿو، محمد عمر پنهور خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ هلندڙ مختلف پروجيڪٽن ۾ ماڻهن جي حق تلفين، زمين، تعليم ،پاڻي، صحت ۽ ٻين مسئلن بابت کليل ڪچهرين ۾ اهو محسوس ڪيو آهي ته ماڻهن سان مسئلا آهن جيڪي ڪوشش ڪري حل ڪرايا آهن پر اڃان ٿر جي ماڻهن سان ماحول جي حوالي سان مسئلا آهن جيڪي عوام وٽ گهر گهر وڃي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ٿر ماحولياتي آلودگي سبب جيڪي مسئلا پيش اچن ٿا انهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ مقامي ماڻهن کي پنهنجا حق ۽ روزگار به پروجيڪٽن ۾ ڏيڻ گهرجي، ايس ايس پي ٿرپارڪر محمد شعيب ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي ٻار ۾ ٽئليٽ موجود آهي ۽ ٿر ڪول جي پروجيڪٽن سبب ٿر ۾ ترقي آئي آهي پر ماحولياتي آلودگي جا مسئلا جيڪي عوام سان درپيش آهن انهن کي سرڪار هلڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته جلد ماڊل بڻجي ويندو ۽ ٿر جي عوام خوشحال ٿيندي.