لاهور (ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪيترائي پاڪستاني ڪرڪيٽر بگ بيش ليگ ڇڏي سريلنڪا وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن.
ذريعن موجب، پاڪستان جا ڪيترائي رانديگر هن وقت بگ بيش ليگ ۾ مختلف ٽيمن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بي بي ايل ۾ شامل ڪجهه پاڪستاني رانديگرن ٿنڪ ٽينڪ سان رابطو ڪري آگاهه ڪيو آهي ته هو سريلنڪا خلاف سيريز ۾ شرڪت ڪرڻ چاهين ٿا.
رانديگرن جو چوڻ آهي ته آسٽريليا ۽ سريلنڪا جي پچن ۽ حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، اهڙي صورتحال ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ وڃڻ ڪارڪردگي تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او چيو هو ته پاڪستاني رانديگرن طرفان سريلنڪا جي دوري باوجود کين بگ بيش ليگ جو سمورو ايونٽ کيڏڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
هتي ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته جڏهن پاڪستاني رانديگرن بگ بيش ليگ فرنچائزز سان معاهدا ڪيا ويا هئا، تڏهن سريلنڪا سان سيريز جو شيڊيول نه هئي.
You might also like