گاڏين جي شوقين ماڻهن لاءِ سٺي خبر آهي ته هونڊا ڪمپني قسطن تي گاڏيون حاصل ڪرڻ جي نئين آڇ پيش ڪئي آهي.
هونڊا ۽ حبيب ميٽرو بينڪ هونڊا سٽي، سِوڪ ۽ ايڇ آر – وي لاءِ هڪ گڏيل فنانسنگ اسڪيم متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو مقصد واهپيدارن کي گهٽ وياج جي شرح ۽ واڌو مراعتون فراهم ڪرڻ آهي.
ان آڇ تحت فنانسنگ ريٽ KIBOR + 1% مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو روايتي ڪمرشل آٽو لونز جي ڀيٽ ۾ شفاف ۽ گهٽ اسپريڊ وارو حل فراهم ڪري ٿو.
ان آڇ ۾ 2 لک رپين تائين جون فيسون بينڪ طرفان ڪور ڪيون وينديون، پهرئين سال لاءِ مفت پيريڊڪ مينٽيننس جي سهولت هوندي ۽ گاڏين ۾ درآمد ٿيل بريج اسٽون ٽائر شامل آهن، جن جي قيمت تقريبن هڪ لک رپيا آهي، بينڪ جا شرط ۽ ضابطا ان آڇ تي لاڳو هوندا.
You might also like