ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي سڀاڻي 19 ڊسمبر تي ڪراچي شهر ۾ مختلف هنڌن تي ڌرڻن جو اعلان ڪندي شهرين کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪري ڇڏي.
جماعت اسلامي ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري توفيق الدين صديقي موجب اهي ڌرڻا خوني ڊمپرن ۽ ٽينڪرن، اي چالان جي نالي تي ڦرلٽ، حڪومتي بي حسي ۽ تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر خلاف هنيا ويندا.
هن ٻڌايو ته ڌرڻا اسٽار گيٽ شاهراهه فيصل، ايم اي جناح روڊ، يونيورسٽي روڊ، دائود چورنگي، ڪورنگي ڪراسنگ، نوراني ڪباب هائوس چورنگي، تبت سينٽر، يونيورسٽي روڊ موسميات، پاور هائوس چورنگي، حب ريور روڊ، پراچا چوڪ شير شاهه، ڊالمن مال حيدري نارٿ ناظم آباد، لياقت آباد 10 نمبر، سهراب ڳوٺ ۽ اورنگي ٽائون 5 نمبر تي هنيا ويندا، جن جي شروعات شام 4 وڳي کان ٿيندي.
ڌرڻن کي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.
You might also like