” پردي جو سخت مخالف آهيان“، جاويد اختر جو بهار واقعي تي ردعمل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسڪرپٽ رائيٽر ۽ شاعر جاويد اختر ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار طرفان هڪ سرڪاري تقريب دوران مسلمان عورت ڊاڪٽر جو نقاب لاهڻ جي ڪوشش تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هو پردي جو سخت مخالف آهي، پر ان جو اهو قطعي مطلب ناهي ته ڪنهن عورت سان ٿيل اڻوڻندڙ ورتاءُ قبول ڪيو وڃي.
جاويد اختر چيو ته بهار جي وڏي وزير جو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي ۽ اهو معاملو رڳو نظرياتي يا خيالن جي اختلاف تائين محدود نه آهي، پر هڪ عورت جي وقار، ساک ۽ احترام سان جڙيل آهي.
هن اهڙي رويي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهڙي عمل جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته عوامي پد تي ويٺل شخص مان اميد ڪئي ويندي آهي ته هو هر شهري، خاص طور عورتن سان نهايت ذميواري، احترام ۽ شائستگي جو مظاهرو ڪري.
جاويد اختر زور ڏنو ته نتيش ڪمار کي گهرجي ته لاڳاپيل عورت ڊاڪٽر کان غير مشروط معافي وٺي ته جيئن اهڙي قسم جي واقعن خلاف هڪ واضح ۽ هاڪاري پيغام وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اختلافي راءِ پنهنجي جاءِ تي آهي، پر ڪنهن جي تذليل يا دل آزار ڪنهن به ريت قابلِ قبول نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.