عوام جي مرضي کان سواءِ نوان صوبا آئين خلاف آهي:راشد محمود

ميرپوربٺورو (رپورٽ: امتياز علي سومرو) جي يو آءِ سنڌ جي سربراھ راشد محمود سومرو چيو آهي ته پيپلزپارٽي وڏيرن سردارن ڀوتارن جي جماعت آهي، ستر سالن کان عوام جو رت چوسيندڙن کي ٽياس تي ٽنگيو وڃي، عمران کي جن سياست ۾ آندو اهي ئي ان کي واڙيون ويٺا آهن، هاڻي جيڪڏهن عمران خان جيل مان نڪتو ته سياست ۾ ان جي پهرين انٽري هوندي، منهنجي جماعت سمجهي ٿي ته صوبن ۾ رهندڙ عوام جي مرضي کان سواءِ نوان صوبا ٺاهڻ آئين جي خلاف آهي عوام جي مرضي کان سواءِ ڪي به فيصلا عوام تي نه مڙهيا وڃن، راشد محمود سومرو ميرپوربٺورو ۾ جي يو آءِ جي اڳواڻ مولوي طفيل احمد کٽي جي رهائشگاھ تي صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته عوامي سياست ۽ لٺ جي سياست ۾ فرق هوندو آهي، جي يو آءِ جو موقف واضح آهي ته انتقامي بنيادن تي ڪنهن جي به خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي، انتقامي بنيادن تي جيڪڏهن نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز يا آصف علي زرداري، فريال ٽالپر خلاف ڪارروائي ٿي ته جي يو آءِ ان جي مخالفت ڪئي اڄ جيڪڏهن عمران خان نيازي جي خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ته جي يو آءِ ان جي مخالفت ڪري ٿي، اسان جو هڪڙو ئي مطالبو آهي ته ٻيهر هڪڙو آپريشن ٿئي صاف شفاف تحقيقات ٿئي ستر سالن کان ملڪ ڦريندڙ لٽيندڙن عوام جو رت چوسيندڙن کي ٽياس تي ٽنگيو وڃي چاهي اهو ڪهڙو به حڪمران هجي بي رحماڻون ان جي خلاف آپريشن ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي وڏيرن سردارن ڀوتارن جي جماعت آهي جي يو آءِ جو مقابلو سردارن ڀوتارن خانن سان آهي ڪنهن غريب سان ناهي، سنڌ حڪومت وٽ شايد ڪجهه آهي ڪونه عوام کي ڏيکارڻ لاءِ پوءِ هي سنڌ ڪارڊ ٿا کيڏن ۽ ايم ڪيو ايم وارا سنڌ کي تقسيم ڪرڻ چاهي ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.