عمران خان جي آزادي لاءِ پردي پٺيان ڪوششون،حڪومت سان رابطا؟

اسلام آباد(انصار عباسي+عاصمه شيرازي)باخبر ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳوڻن اڳواڻن فواد چوڌري، عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي تي ٻڌل هڪ گروپ هڪ ڀيرو ٻيهر خاموشي سان مفاهمتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جن جو مقصد ملڪ ۾ سياسي گرمي پد گهٽائڻ، خاص طور تي فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ تڪرار ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي۔ذريعن موجب، اهي ڪوششون قومي مذاڪراتي ڪميٽي جي فريم ورڪ هيٺ ڪيون پيون وڃن، جنهن ۾ ڪجهه اثر رسوخ رکندڙ اوورسيز پاڪستاني به شامل آهن۔ٻڌايو ويو آهي ته اهي ٽيئي اڳواڻ هڪ “آفيسر” ۽ حڪومتي وزيرن سان رابطي ۾ آهن، ته جيئن پي ٽي آءِ لاءِ ڪنهن حد تائين رليف حاصل ڪري سگهجي ۽ ڳالهين جي گنجائش پيدا ٿئي۔پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ قيد جي چوڌاري ٿيندڙ ماضي جي ڪوششن جي ابتڙ، هن ڀيري انهن ٽنهي اڳواڻن جي فوري توجهه ڪوٽ لکپت جيل تي مرڪوز آهي، جتي هن وقت پي ٽي آءِ جا ڪيترائي سينيئر اڳواڻ قيد آهن، جن ۾ شاهه محمود قريشي، ميان محمود الرشيد، اعجاز چوڌري، عمر چيمه ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد شامل آهن۔دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اهي سڀ اڳواڻ اڳ ئي کلي عام ڳالهين جي حمايت ڪري چڪا آهن ۽ ڳالهين کي ئي اڳتي وڌڻ جو واحد قابلِ عمل رستو قرار ڏئي چڪا آهن۔تنهن هوندي به عمران خان انهن جي هن راءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي،ذريعن موجب، انهن ٽنهي اڳواڻن جي حڪمتِ عملي اها آهي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اڳواڻن جي آزادي جي راهه هموار ڪئي وڃي، ته جيئن پي ٽي آءِ اندر اهڙي قيادت سامهون اچي، جيڪا سندن خيال ۾ زميني حقيقتن کي بهتر نموني سمجهي ٿي ۽ وڌيڪ معتدل ۽ عملي رويو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار هجي۔فواد چوڌري تصديق ڪئي ته سياسي ماحول کي معمول تي آڻڻ ۽ پي ٽي آءِ ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري ٽڪراءَ جي خاتمي لاءِ قومي مذاڪراتي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي۔هن ٻڌايو ته اهي ڪوششون ڪجهه هفتا اڳ شروع ٿيون هيون، پر اڊيالا جيل مان ايندڙ هڪ ٽوئيٽ کان پوءِ انهن کي سخت ڌچڪو لڳو۔ فواد چوڌري موجب، ڪميٽي جا ميمبر ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اڳواڻن سان ملاقات به ڪري چڪا آهن ۽ ڪيترائي بااثر اوورسيز پاڪستاني به هن ڪوشش ۾ شامل ٿي ويا آهن۔سندن چوڻ موجب، جيڪڏهن مفاهمتي ڪوشش ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته اهي اوورسيز پاڪستاني ملڪ ۾ هڪ ارب ڊالر تائين سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهن۔فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته هي گروپ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت سان رابطا ڪري رهيو آهي ته جيئن بامعنيٰ ڳالهين  جي امڪانن جو جائزو وٺي سگهجي۔ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳوڻن اڳواڻن جو هڪ اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ سياسي صورتحال کي معمول تي آڻڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو هو۔ان اجلاس ۾ فواد چوڌري، عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي کان علاوه اسد عمر، شفقت محمود ۽ غلام سرور به شريڪ هئا۔ بهرحال، ڪنهن هڪ گڏيل لائحهِ عمل تي اتفاق نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ انهن ٽنهي اڳواڻن پنهنجي طور تي انهي منصوبي تي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي هو قابلِ عمل سمجهن ٿا۔ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي هاڻي پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيي کان هٽي چڪي آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي سياسي ڪميٽي مان الڳ ڪيو ويو آهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 18 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.