سهيل آفريدي سميت خيبر پختونخواهه اسيمبلي جا 5 ميمبر اشتهاري قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڏي وزير سهيل آفريدي سميت خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي 5 ميمبرن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان مينا خان، امجد علي، شفيع الله جان ۽ اقبال آفريدي جا به اشتهار جاري ڪيا ويا آهن.
5 ئي جوابدارن کي سي ٽي ڊي اسلام آباد جي ٻن ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو.
جوابدارن کي اشتهار ذريعي 30 ڏينهن اندر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي نه ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته سهيل آفريدي ۽ ٻين خلاف 26 نومبر 2024 تي ٿيندڙ احتجاج تي رمنا ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.