ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن آسٽريليا 8 وڪيٽن جي نقصان تي 326 رنسون ٺاهي ورتيون.
ايڊيليڊ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته اوپنر جلد پويلين موٽي ويا، جيڪ ويدرالڊ 18 ۽ ٽريوس هيڊ 10 رنسون ٺاهيون.
پوءِ مارنس لبوشين 19 ۽ ڪيمرون گرين کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا پر ان موقعي تي عثمان خواجا ۽ ايليڪس ڪيري ذميواري سان بيٽنگ ڪندي ٽيم کي مڪمل تباهي کان بچائي ورتو.
ايليڪس ڪيري شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ کانپوءِ 106 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته عثمان خواجا 82 رنسن جي اننگز کيڏي پويلين موٽيو.
جوش انگلس 32 ۽ ڪپتان پيٽ ڪمنز 13 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته مچل اسٽارڪ 33 ۽ نيٿن ليون کاتو کولڻ بنا ڪريز تي موجود آهن.
انگلينڊ طرفان جوفرا آرچر 3، برائيڊن ڪارس ۽ ول جيڪس 2-2، جڏهن ته جوش ٽنگ هڪ وڪيٽ ورتي.
ايڊيليڊ ٽيسٽ: ڪيري ۽ خواجا ٽيم کي تباهي کان بچائي ورتو، آسٽريليا جون 8 وڪيٽن تي 326 رنسون
Next Post
You might also like