نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان اعتراف ڪيو آهي ته لاڳاپن جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن ڪرينا ڪپور ٻين اداڪارن سان گڏ ڪم ڪندي هئي ته مان عدم تحفظ جو شڪار ويندو هيس.
هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي سيف علي خان چيو ته پنهنجي وقت جي سڀ کان وڏي اسٽار ڪرينا ڪپور سان ڊيٽ مون لاءِ هڪ نئون تجربو هو، ماضي جي لاڳاپن جي ابتڙ ڪرينا هڪ مصروف اداڪارا هئي، جيڪا مسلسل فلمن ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي ساٿي اداڪارن، ڪاميابي ۽ عوامي ڌيان جو مرڪز هئي.
هن اعتراف ڪيو ته منڍ ۾ ان صورتحال کي سمجهڻ ڏکيو هو ۽ شروعاتي ڏينهن ۾ ساڙ ۽ عدم تحفظ جو شڪار هيس، ڇو ته ڪرينا ٻين مرد اداڪارن سان گڏ به ڪم ڪري رهي هئي.
سندس چوڻ هو ته اهڙن جذبن کي منهن ڏيڻ لاءِ پختگي، اعتماد ۽ وقت گهربل هوندو آهي ۽ اهي شيون رڳو سچي وابستگي سان ئي اڳتي وڌنديون آهن.
واضح رهي ته ڪرينا ڪپور ۽ سيف علي خان 2012 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين ٻن ٻارن جو اولاد آهي.
Prev Post
You might also like