اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري الزام هنيو آهي ته چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ڊگري ڪيس ۾ مون کي تجويز ڏني هئي ته استعيفيٰ ڏيان.
ڊگري ڪيس ۾ جسٽس طارق جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي بينچ مان ڌار ٿيڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته ڊگري ڪيس چيف جسٽس ڪجهه ٻين کانسواءِ مون سان ڊسڪس ڪيو.
هن پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس سرفراز ڊوگر تسليم ڪيو ته ڊگري ڪيس جلد ٻڌڻ جو مٿس دٻاءُ آهي، چيف جسٽس مون کي تجويز ڏني ته پوسٽ ڊيٽ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان، مون کي چيف جسٽس تجويز ڪيو ته مان استعيفيٰ ڏئي چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏيان، مون کي اهو به چيو ويو ته اهڙي ريت دٻاءُ گهٽجي ويندو.
جسٽس طارق جهانگيري پنهنجي درخواست ۾ چيو ته ٻڌڻي هيٺ معاملي تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ چيف جسٽس بينچ ۾ ويهڻ جو اهل ناهي رهيو، سرفراز ڊوگر هاڻ بينچ کان ڌار ٿي وڃي، ڇو ته هن ٻڌڻي هيٺ ڪيس ڊسڪس ڪري ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي.
You might also like