عمران خان جي ڀيڻن سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻن سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دهشتگردي سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻي جي معاملي تي راولپنڊي جي صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ڪيس دهشتگردي روڪ ايڪٽ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عليما خان، ڊاڪٽر عظميٰ، نورين نيازي، قاسم خان، سلمان اڪرم راجا، عاليا حمزا ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب ڪيس مجموعي طور 35 نامزد ۽ 400 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، 14 جوابدارن کي موقعي تان گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ڪيس ۾ الزام هنيو ويو آهي ته ڌرڻي دوران پوليس تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا، تشدد ڪيو ويو ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ٻين ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ کانپوءِ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.