تحريڪ انصاف جو اسلام آباد جي مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اسلام آباد جي مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف اسلام آباد جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت اسلام آباد ريجن جي صدر عامر مسعود مغل ڪئي.
ريجنل سيڪريٽري ملڪ عامر علي اعواڻ، سينيٽر فوزيا ارشد، شعيب شاهين، سيد فرزند شاهه ۽ علي بخاري به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
پي ٽي آءِ چيو ته حڪومت طرفان مڪاني ايڪٽ ۾ تڪراري ترميمن باوجود اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين، تحريڪ انصاف مڪاني چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.