عمران خان جي پٽن جو پاڪستان اچڻ جو اعلان، پيءُ کي ”ڊيٿ سيل“ ۾ رکڻ جو الزام

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته مان ۽ منهنجي ڀاءُ سليمان پنهنجي ويزا لاءِ درخواست ڏني آهي ۽ جنوري ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهيون.
اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو.
انٽرويو دوران قاسم ۽ سليمان کان پڇيو ويو ته ڇا هنن عمران خان سان ملڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته ڪجهه وقت اڳ بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو هو ته ”هو اچي سگهن ٿا، عمران خان سان ملي سگهن ٿا“.
ان تي قاسم جواب ڏنو ته هاڻ اسان منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ڇو ته انهن کليل نموني چيو آهي، تنهن ڪري جيستائين هو پنهنجي ڳالهه تي قائم آهن ته اميد آهي جنوري ۾ وينداسين، اسان پنهنجي ويزائن لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، ويزائون اڃا تائين ناهن آيون، اميد ته اهو پراسيس مڪمل ٿي ويندو.
ميزبان پڇيو ته هو عمران خان سان ملاقات ۾ ڪهڙي ڳالهه ڪندا، ڇا کيس ڪنهن ڊيل تي غور ڪرڻ جو چوندا؟
ان تي قاسم چيو ته جيڪڏهن هو ڪا ڊيل ڪري اسان وٽ اچي وڃي ۽ انگلينڊ ۾ رهي ته مون کي خبر آهي ان جي دل ۾ اهو احساس رهندو ته هن پنهنجي ملڪ کي ان جي حال تي ڇڏي ڏنو ۽ سچ چوان ته هو ڏکارو ٿي ويندو.
جڏهن کانئن پڇيو ويو ته هو عمران خان کي ٻيو ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا ته قاسم چيو ته مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته اسان کيس ڪيئن ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا؟ اسان ڪيئن مدد ڪري سگهون ٿا؟ ڇو ته هن وقت اسان پاڻ کي بي وس محسوس ڪري رهيا آهيون، ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن تي گفتگو ٿيڻي آهي.
جڏهن جيل ۾ عمران خان جي حالت بابت پڇيو ويو ته قاسم چيو حالتون خراب نه پر انتهائي خوفناڪ آهن.
سليمان چيو ته جنهن سيل ۾ عمران خان کي رکيو ويو آهي، ان کي ”ڊيٿ سيل“ قرار ڏنو ويو آهي، اتي بجلي بند ڪئي ويندي آهي، پاڻي گندو آهي، اهي مڪمل طور تي غير معياري حالتون آهن، جيڪي ڪنهن به قيدي لاءِ عالمي قانونن تي پوريون نه ٿيون لهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.