ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ حڪومت ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ (ترميمي) بل 2025 تي کي غور فڪر لاءِ صوبائي اسيمبلي ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو، اسلام ڪوٽ کان ڇوڙ تائين ريلوي لائين، بن قاسم کان پورٽ قاسم ڊبل ٽريڪ ۽ ڪوئلو اَن لوڊنگ سهولت واري منصوبي لاءِ صوبائي حڪومت جي حصي طور 6 ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ، ڪڻڪ جي جاري پاليسي 2025-26 ۾ نظرثاني جي منظوري ڏيندي ان تحت سرڪاري ڪڻڪ فوري طور فلور ملن، چڪين ۽ واپارين کي 8 هزار رپيا في 100 ڪلوگرام ٻوري جي جاري اگھه تي مهيا ڪرڻ جيڪا اڳ 9 هزار 500 رپيا في 100 ڪلوگرام هئي. ڪراچي شهر جي ايم اي جناح بندر روڊ تي واقع محفوظ ڪيل تاريخي عمارت، حبيب انشورنس ڪمپني / حبيب بينڪ لميٽيڊ فارن ايڪسچينج بلڊنگ کي سنڌ آئي ٽي ٽاور جي قيام لاءِ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙا فيصلا ڪالهه وزير اعلي هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيا ويا، اجلاس ۾ عوامي ٽرانسپورٽ، پوليسنگ، ڪڻڪجي اگهھ ۾ رعايت، ٿر ڪوئلي سان لاڳاپيل رابطي وارا منصوبا، داخلي آڊٽ ۾ سڌارا، سماجي تحفظ ۽ شهر ۾ آئي ٽي ٽاور جي قيام سميت هڪ جامع مالي ۽ ترقياتي پيڪيج جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ مڪاني ادارن جي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران پيش ڪيل ناڻي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي منٽن جي به توثيق ڪئي. اهم منظورين ۾ ڪابينا نان-اي ڊي پي اسڪيم تحت عوامي ٽرانسپورٽ بسون خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ 96 ڪروڙ 44 لک رپين، عوامي آگاهي لاءِ فلمن، ڊرامن ۽ دستاويزي پروگرامن جي تياري لاءِ هڪ ارب رپين جڏهن ته سنڌ پوليس جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ هٿيارن ۽ گولا بارود جي خريداري لاءِ 5 ارب 84 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني. ڪابينا راندين جي مختلف ايونٽن لاءِ به فنڊز منظور ڪيا جن ۾ آءِ ايم سي او اوور فورٽيز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ سهڪار، ٿرپارڪر ۾ ايس او ايس چلڊرنز وليج لاءِ گرانٽس، سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي هيٺ پروجيڪٽ امپليمينٽيشن يونٽ جو قيام، نون قائم ٿيل ڪاليجن ۾ آساميون پيدا ڪرڻ، سنڌ جيل لاءِ گاڏين جي خريداري ۽ ثقافتي سرگرمين جي مدد، جن ۾ ڏهون ادب فيسٽيول شامل آهي. ملير ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ هنگامي اسڪيمن، ڪورنگي ڪاز وي تي اضافي چڙهائي جي تعمير، صدر ۾ واقع سرڪاري گرلز اسڪول جي مرمت ۽ سينگار، ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ٻئي جوائنٽ دولتِ مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن ايشيا ۽ دولتِ مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن ڏکڻ اوڀر ايشيا علائقائي ڪانفرنس لاءِ به فنڊ منظور ڪيا ويا. سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي جاري پاليسي 2025-26 ۾ نظرثاني جي منظوري ڏني جنهن تحت سرڪاري ڪڻڪ فوري طور فلور ملن، چڪين ۽ واپارين کي 8 هزار رپيا في 100 ڪلوگرام ٻوري جي جاري اگھ تي مهيا ڪئي ويندي جيڪا اڳ 9 هزار 500 رپيا في 100 ڪلوگرام هئي. هن فيصلي جو مقصد مارڪيٽ ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته وقت سر جاري ٿيڻ سان ڪڻڪ جو معيار برقرار رهندو،