سنڌ سميت پوري دنيا ۾ سماجي، معاشي ۽ سياسي محرومن جي حقن لاءِ هلندڙ تحريڪن جي تاريخ انتهائي وڻجندڙ، جذباتي ۽ فڪري جدوجهد سان ڀرپور رهي آهي. انهن تحريڪن ۾ جتي هارين، مزدورن ۽ وسيلن کان محروم طبقا پنهنجي پنهنجي محاذن تي جدوجهد ڪندا رهيا آهن، اتي ماهي گيرن جي جدوجهد پڻ هڪ مضبوط ۽ منظم عوامي ڪهاڻي طور سامهون اچي ٿي.
ايوب شان خاصخيلي جو ڪتاب ”ماهي گير ۽ سوشل موومينٽ“ ان ئي تاريخ جو هڪ جامع، دستاويزي ۽ فڪري مطالعو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ماهي گير ڪميونٽي جي تڪليفن، تحريڪن، سياسي شعور ۽ عالمي جدوجهدن کي مربوط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.ليکڪ ڪتاب جي ابتدا دنيا جي انهن تحريڪن جي يادگيري سان ڪري ٿو، جيڪي محرومن جي آواز بڻيون. پنجاب جي انجمن مزارعين پنجاب، ڀارت جي نيشنل فش ورڪرز فورم، سري لنڪا جي نيفسو، ۽ عالمي سطح تي ورلڊ فورم آف فشر پيپل جهڙيون تنظيمون اهي مثال آهن جيڪي مقامي جدوجهدن کي عالمي تناظر سان ڳنڍن ٿيون. سنڌ ۾ دريا سنڌ ۽ زمينن جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهدن جو حوالو ڏيندي ليکڪ واضح ڪري ٿو ته ماهي گيرن جي تحريڪ صرف جابجائي مفادن خلاف آواز نه پر هڪ وسيع سماجي بغاوت جو استعارو آهي.ڪتاب ۾ ماهي گير ڪميونٽي جي تڪليفن مان سڀ کان درد ڀريو حصو بولو گجي جهڙي منظم استحصال جو ذڪر آهي، جنهن خلاف جدوجهد هن تحريڪ کي منظم ۽ متحرڪ بڻايو. ليکڪ ان جدوجهد کي رڳو احتجاج يا غصو قرار نه ٿو ڏئي، بلڪه ان کي شعوري، منظم ۽ استدلالي سياسي عمل سڏي ٿو، جنهن ۾ ايڊووڪييسي، ڪيمپيننگ، قانوني مدد، ميڊيا جي استعمال ۽ سماجي تنظيم سازي کي بنيادي اوزار طور پيش ڪيو ويو.
ڪتاب جي خوبصورتي اها آهي ته ليکڪ تحريڪ جا صرف سياسي پاسا نه ٿو بيان ڪري، پر اهو به ڏيکاري ٿو ته فن، شاعري، ٿيٽر، مقامي سنگيت، پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا، عوامي عدالتون، ريليون، بک هڙتالون ۽ احتجاج ڪيئن هن تحريڪ کي عوامي طاقت ڏني. ماهي گيرن جي جدوجهد سڌي ريت هڪ ثقافتي تحريڪ بڻجي بيهي، جنهن ۾ مقامي فنڪارن کان وٺي شاعرن ۽ ليکڪن تائين هر ڪنهن پنهنجو حصو وس آهر ادا ڪيو.ليکڪ پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي روشني ۾ تحريڪ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اهم ڪردارن جا نالا وڏي عزت ۽ احترام سان پيش ڪري ٿو. انهن ۾ شامل آهن:
محمد علي شاه، سعيد بلوچ، ايوب شان، مجيد موٽاڻي، ڪوثر صادق، يوسف ڪڏاڻي، طالب ڪڇي، سلطان محمود، سامي ميمڻ، محمد بجرو، زاھده ملاح، پير بخش ملاح، گلاب شاه، ظاھرہ علي شاه، فاطمه مجيد، رقعه عثمان، عبدالغني، حاجي ابو، ڊاڪٽر يوسف، خدا گنج ۽ ٻيا ڪيترائي همت وارن نالا.
انهن سڀني ساٿين جي گڏيل شعوري ڪوشش سان تحريڪ عوامي طاقت ۾ بدلجي، ماهي گير ڪميونٽي جي آواز کي قومي ۽ عالمي فورمن تائين پهچايو.ڪتاب جو هڪ اهم حصو قيدي ماهي گيرن جو مسئلو ۽ تمر ٻيلن جي ماحولياتي اهميت بابت آهي. ليکڪ ڄاڻايل موضوعن تي پاليسي ليول بحث ڪري ٿو ۽ ڏسائن ٿا ته ماهي گيرن جا مسئلا رڳو معاشي نه پر ماحولياتي، جغرافيائي ۽ سياسي پيچيدگين سان ڳنڍيل آهن.ڪتاب ۾ اهو تصور نهايت دلچسپ آهي ته سچل هال کي ليکڪ ”انقلابي تربيت گاهه“ سڏي ٿو، جتي ايوب شان، سامي ميمڻ، شاهه صاحب ۽ جان خاصخيلي جهڙا تجربيڪار ڪارڪن نون شامل ٿيندڙن کي تربيت، شعور ۽ رهنمائي ڏيندا هئا. هي بيان ماهي گير تحريڪ جي تنظيم سازي ۽ فڪري وڪالت جي بهترين شاهدي آهي. ڪتاب جو ٻيو حصو ڪجهه اهم تاريخي موضوعن تي مشتمل آهي: جزيرن تي شهرن جي تعمير.
محترمه مهتاب اڪبر راشدي، حاجي شفيع ڄاموٽ، ماما هارون، رشيده بابا ۽ ٻين عظيم شخصيتن جو ذڪر اهي سڀ حوالا ڪتاب کي تحريڪ کان اڳتي وڌائي سماجيات، تاريخ ۽ سياسي شعور جي جامع دستاويز ۾ بدلائي ڇڏين ٿا.ڇو هي ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي؟”ماهي گير ۽ سوشل موومينٽ“ صرف هڪ ڪتاب نه، پر جدوجهدن، سياسي شعور، اجتماعي بغاوت، عوامي مزاحمت ۽ محرومن جي آواز جو دستاويزي رڪارڊ آهي. هي ڪتاب شاگردن، اڪيڊمڪ محققن، صحافين، سماجي ڪارڪنن ۽ تحريڪن ۾ دلچسپي رکندڙ هر فرد لاءِ هڪ اهم حوالو بڻجي سگهي ٿو.هي ڪتاب پڙهندڙ کي سيکاري ٿو ته جدوجهد صرف نعرا نه، پر تنظيم، فڪر، شعور ۽ تسلسل جو نالو آهي.