4 ڪلاڪ بيت الخلا ۾ گذارڻ تي انجنيئر کي نوڪري تان هٽايو ويو!

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي اوڀر صوبي جيانگسو ۾ هڪ انجنيئر کي ڪم دوران ڊگهو وقت بيت الخلا ۾ گذارڻ تي نوڪري تان هٽايو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب لي نالي انجنيئر ٻن مهينن دوران مجموعي طور تي 14 ڀيرا بيت الخلا جا ڊگها وقفا ورتا، جنهن ۾ هڪ وقفو 4 ڪلاڪن تائين جاري رهيو.
ملازمت تان برطرفي کانپوءِ لي ڪمپني خلاف عدالت سان رابطو ڪندي غير قانوني برطرفي جو ڪيس داخل ڪيو ۽ 3 لک 20 هزار يوآن، تقريبن 45 هزار آمريڪي ڊالر معاوضي طور طلب ڪيا.
لي موقف اختيار ڪيو ته مان موڪن جي مرض ۾ مبتلا آهيان، هن دوائون ۽ اسپتال ۾ ٿيندڙ علاج جو رڪارڊ به عدالت ۾ پيش ڪيو پر عدالت قرار ڏنو ته بيت الخلا ۾ گذاريل وقت ضرورت کان وڌيڪ هو، تنهن ڪري ڪمپني جو قدم درست آهي، جنهن کانپوءِ درخواست رد ڪئي وئي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته توڙي جو چين جي ليبر قانونن تحت ملازمن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن پر غير معمولي ۽ ڊگهن وقفن کي ملازمت جي قاعدن جي ڀڃڪڙي تصور ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.