هٿرادو ڏاهپ ڪهڙيون نوڪريون ختم ۽ ڪهڙيون پيدا ڪندي، محفوظ مستقل لاءِ ڇا ضروري آهي؟ ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

سڄي دنيا ۾ هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) جي تيزي سان وڌندڙ استعمال نوڪرين جي مستقبل بابت نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي.
مختلف شعبن ۾ مشينون انساني محنت جي جاءِ وٺي رهيون آهن، جنهن سبب لڳ ڀڳ هر شعبي سان لاڳاپيل ملازم شديد ڳڻتي جو شڪار آهن ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته ڪيترائي روايتي پيشا تيزي سان اي آءِ جي اثر هيٺ اچي رهيا آهن.
واضح رهي ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي تازي رپورٽ موجب 2030 تائين سڄي دنيا ۾ 92 ملين نوڪريون ختم ٿي سگهن ٿيون، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مستقبل ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو وڏو انگ متاثر ٿيندو.
پر ساڳي رپورٽ ۾ اها اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي ته ٽيڪنالاجي جي ڪري 170 ملين نيون نوڪريون پيدا ٿينديون، ان ڪري وڏيون ڪمپنيون تيزيءَ سان سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن.
هوڏاهن ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه اهڙا پيشا آهن، جن کي مڪمل طور پاڻمرادو بڻائڻ ممڪن ناهي، اهي شعبا جتي انسان جو سڌو سنئون واسطو، جذباتي سمجهه ۽ فيصلا سازي ضروري هوندي آهي، اهي مستقبل ۾ به محفوظ رهندا.
انهن ۾ تعليم، طب، نرسنگ، سماجي ڪم، تحقيق، پاليسي سازي ۽ قانون جهڙا شعبا شامل آهن.
ان سان گڏ هُنرمند پيشا، جهڙوڪ اليڪٽريشن، مڪينڪ ۽ پلمبر پڻ محفوظ سمجهيا پيا وڃن، ڇو ته ان ۾ عملي تجربو، تڪڙي مسئلي جي سڃاڻپ ۽ هٿ سان ڪيل ڪم جي بنيادي اهميت آهي.
ماهرن موجب اهي سڀ عمل اڃا تائين ڪنهن به مشين جي وس کان ٻاهر آهن.
ٻئي پاسي اي آءِ نون شعبن ۾ نوڪرين جا در به کوليا آهن.
ٽيڪنالاجي ماهرن موجب ايندڙ سالن ۾ اي آءِ ماڊل ٽرينر، ڊيٽا سائنس ماهر، پرامپٽ انجنيئر، روبوٽڪس ٽيڪنيشن ۽ اي آءِ سيڪيورٽي ماهر جهڙن عهدن جي گهرج ۾ نمايان واڌ ٿيندي.
اهڙي ريت ڊجيٽل ايٿڪس ڪنسلٽنٽ، ورچوئل ماحول جا ڊزائنر، پاڻمرادو گاڏين جا آپريٽر ۽ ڊجيٽل هيلٿ اسسٽنٽ جهڙا ڪردار به سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي انسان ۽ ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪندا.
هٿرادو ڏاهپ جا ماهر زور ڏين ٿا ته هاڻي ماڻهن لاءِ نوان هُنر سکڻ ضروري ٿي ويو آهي، بلڪل اهڙي ريت جيئن ماضي ۾ آفيس سافٽ ويئر سکڻ لازمي بڻجي ويو هو.
آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ٿيل ٻن مختلف اسٽڊيز موجب اي آءِ جي ڪري اهو به ممڪن آهي ته 2033 تائين لکين ملازم رڳو چار ڏينهن ڪم ڪن.
توڙي جو اي آءِ ڪجهه روايتي نوڪرين کي محدود ڪندي، جهڙوڪ ڊيٽا انٽري، بنيادي ڪسٽمر سروس، سادو تحريري ڪم ۽ دفتري ذميواريون پر ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو مڪمل طور بي روزگار نه ٿيندا، شرط اهو آهي ته اهي نيون مهارتون سکي پاڻ کي ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪن.
سڄي دنيا ۾ نوجوانن کي ڊجيٽل مهارتن، ڪوڊنگ ۽ تخليقي سوچ جي تربيت ڏيڻ تي زور وڌي رهيو آهي.
ماهرن موجب اي آءِ انسان جي جاءِ وٺڻ لاءِ نه پر انسان جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ آئي آهي، جيڪي ادارا هن ٽيڪنالاجي کي خطري بدران موقعي طور قبول ڪندا، اهي مستقبل ۾ وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيندا.
پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ نوجوانن کي صلاح ڏني پئي وڃي ته مستقبل جون نوڪريون رڳو ڊگري تي نه پر سکيا، مهارتن ۾ واڌ ۽ ٽيڪنالاجي کي سمجهڻ جي صلاحيت تي وڌيڪ دارومدار رکنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.