جيڪڏهن توهان گهر ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو، ٽي وي تي آن لائن فلمون يا ڊراما ڏسي رهيا آهيو، يا ڪجهه اسٽريم ڪري رهيا آهيو، هر ڪم لاءِ انٽرنيٽ جي سٺي اسپيڊ ضروري آهي ۽ موجودا دور ۾ ان لاءِ واءِ فاءِ سگنلز تي ڀاڙيو ويندو آهي.
پر اڪثر واءِ فاءِ انٽرنيٽ جي رفتار ايتري گهٽ هوندي آهي جو ٿڌي مزاج وارو ماڻهو به چيڙاڪ بڻجي ويندو آهي.
اڄڪلهه انٽرنيٽ زندگي جي اهم گهرج بڻجي چڪي آهي، پر جيڪڏهن واءِ فاءِ جي رفتار گهٽ محسوس ٿئي ٿي ته ان جو ڪارڻ گهر جي ڀرپاسي موجود شيون به ٿي سگهن ٿيون.
هن رپورٽ ذريعي اڄ اسان توهان کي اِهو ٻڌائينداسين ته گهر ۾ موجود اُهي ڪهڙيون شيون آهن جيڪي واءِ فاءِ سگنلز کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.
ٻوٽا
گهر اندر موجود ٻوٽا واءِ فاءِ جي رفتار کي سست بڻائي سگهن ٿا، گهميل مٽي ۽ ٿلها پن واءِ فاءِ سگنلز کي جذب يا واپس موٽائين ٿا، جنهنڪري انٽرنيٽ ڪوريج ڪمزور ٿئي ٿي.
مائيڪرو ويو اوون
مائيڪرو ويو اوون ۾ اليڪٽران ٽيوب (Magnetron) هوندي آهي جيڪا اليڪٽرو ميگنيٽڪ لهرون پيدا ڪري ٿي، جيڪي کاڌو گرم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون، اهي لهرون واءِ فاءِ سگنلز تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون ڇو ته مائيڪرو ويو ۽ واءِ فاءِ رائوٽر هڪ ئي فريڪوئنس رينج تي ڪم ڪن ٿا، جنهن سبب واءِ فاءِ ڪنڪشن عارضي طور متاثر ٿي سگهي ٿو.
بلوٽوٿ ڊوائسز
بلوٽوٿ ڊوائسز جهڙوڪ وڊيو ڪئميرا، گيم ڪنٽرولر، هيڊفون، اسپيڪر وغيرا واءِ فاءِ جي اسپيڊ سيڪڙو تائين تائين گهٽائي سگهن ٿيون.
بليو ٽيوٿ ڊوائسز به 2.4 گيگا هرٽز بينڊ تي ڪم ڪن ٿيون، جنهنڪري واءِ فاءِ کي ان چئنل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پئي ٿي.
سمارٽ هوم ڊوائسز
سمارٽ لائٽ بلب، وائس اسسٽنٽس، سيڪيورٽي ڪئميرا ۽ ٻيون ڊوائسز جڏهن هڪ ئي رائوٽر سان ڳنڍيل هونديون آهن ته بينڊوڊٿ، رڊيو چئنلز ۽ سي پي يو استعمال لاءِ مقابلو ٿئي ٿو، جنهن سبب واءِ فاءِ تي اثر پوي ٿو.
ڪوڊليس فون
ڪوڊليس فون واءِ فاءِ سنگلز لاءِ ڀوائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، پر ان جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته توهان ڪهڙو فون استعمال ڪري رهيا آهيو.
اهي ڊوائسز 2.4 گيگا هرٽز بينڊ تي ڪم ڪندا آهن ۽ واءِ فاءِ سگنلز کي متاثر ڪري سگهن ٿا، خاص طور تي جڏهن فون ۽ رائوٽر جي وچ ۾ ايئر اسپيس لاءِ مقابلو ٿئي ٿو.
بي بي مانيٽرز
بي بي مانيٽرز تمام گهڻن فيچرز سان ليس هوندا آهن، اڊيجيٽل بيبي مانيٽرز وڊيو اسٽريمنگ ۽ واءِ فاءِ تي ڪم ڪن ٿا ۽ اڪثر 2.4 گيگا هرٽز فريڪوئنسي استعمال ڪن ٿا، جنهن ڪري انٽرنيٽ اسپيڊ سست ٿي وڃي ٿي.
وڏي ڌاتوءَ واريون شيون
فرج، اوون، فرنيچر، هيٽر، گيزر ۽ اهڙيون شيون واءِ فاءِ سگنلز کي جذب يا واپس ورائي سگهن ٿيون، جنهن سبب ڊيڊ زون يا ڪمزور جايون ٺهن ٿيون.
آئينو
آئينو به واءِ فاءِ سگنلز کي متاثر ڪري ٿو، سلور يا المونيم جو سنهو تهه سگنلز کي واپس ورائي ٿو ڇڏي، جنهڪري سگنلز جي طاقت پنجاهه سيڪڙ تائين گهٽجي سگهي ٿي، پر ان جو دارومدار آئيني جي سائز ۽ لڳائڻ واري جاءِ تي هوندو.
فش ايڪوريم يا پاڻي جا وڏا ٽينڪ
پاڻي سان ڀريل فش ايڪوريم واءِ فاءِ سگنلز کي جذب ڪري سگهن ٿا، خاص طور تي ڪاري پاڻي وارا ٽينڪ وڌيڪ اثر انداز ٿين ٿا، فلٽرز ۽ ايل اِي ڊي لائيٽس به سگنلز کي متاثر ڪري سگهن ٿا.
ٿُلهيون ڀتون
ڪنڪريٽ جون ٿلهيون ڀتون واءِ فاءِ سگنلز لاءِ سخت ترين رنڊڪ بڻجن ٿيون، 8 انچ ٿلهي ڀت سگنلز وڏي حد تائين گهٽجي ويندا آهن، پر دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته سرن واري ڀتن سان سنگلز تي تمام گهٽ فرق پئي ٿو، جڏهن ته ڪاٺ جي ڀت سان واءِ فاءِ سنگلز تي ڪو خاص اثر ناهي پوندو.
پاڙيسري جو واءِ فاءِ نيٽورڪ
پاڙيسرين جا واءِ فاءِ نيٽورڪ به توهان جي واءِ فاءِ جي ڪارڪردگي تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي شام ۽ موڪلن ۾ جڏهن پاڙيسري وڌيڪ آن لائن هوندا آهن.