ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ تيزيءَ سان پکڙجندڙ سپر فلو وائرس جي پاڪستان ۾ به موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.
صحت جي عالمي اداري موجب فلو جي نئين قسم A (H3N2) جي ذيلي گروپ ”سب ڪلاڊ K“ سبب برطانيا سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ انفلوئنز جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي.
برطانوي اختيارين موجب اسپتالن ۾ روز سراسري طور 2600 کان وڌيڪ مريض داخل ٿي رهيا آهن، موجوده صورتحال ڪورونا کانپوءِ اسپتالن تي سڀ کان وڏو دٻاءُ آهي.
ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته نئون قسم گهڻو خطرناڪ ناهي پر ان جي پکيڙ معمول کان اڳ شروع ٿي وئي آهي.
پاڪستان ۾ به سپر فلو انفلوائنزا جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته 20 سيڪڙو نمونن ۾ وائرس جي نئين قسم جي ذيلي گروپ جي موجودگي جي نشاهدي ٿي.
طبي ماهر ڊاڪٽر راڻا جواد اصغر موجب سپر فلو وائرس جون علامتون به ٻين انفلوائنزا جهڙيون ئي هونديون آهن جيئن مٿي ۾ سور، نزلو، بخار وغيرا، جڏهن ته ان کان بچاءَ جا طريقا به ساڳيا ئي آهن.
هن ٻڌايو ته ٻارن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي احتياطي ويڪسين لڳائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن کي فلو آهي ته ان سان هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ملڻ جلڻ گهٽايو وڃي.
Prev Post
You might also like