ڀارتي ڪوسٽ گارڊز هٿان هڪ ئي ڪٽب سان واسطو رکندڙ 11 پاڪستاني مهاڻا گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪوسٽ گارڊز پاڪستاني حدن مان 11 مهاڻن کي گرفتاري ڪري لانچ به تحويل ۾ وٺي ڇڏي.
ڪوسشل ميڊيا سينٽر جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته ڀارت روزگار لاءِ ويندڙ 11 مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ترجمان موجب، گرفتار ٿيل مهاڻن جو تعلق ابراهيم حيدري سان آهي.
ٻئي پاسي، ڀارتي فورسز هٿان گرفتار ڪيل مهاڻن جا تفصيل به سامهون آيا آهن جن ۾ شفيع محمد، حسين، 11 سالن جي معصوم ظهير ٻوڳاڻي سميت 11 ملاحن کي شامل ڪيو ويو آهي.
گرفتار ڪيلن ۾ غلام مصطفى ٻوڳاڻي، سمير، سلطان، سرفراز، ابراهيم ٻوڳاڻي، حبيب الله ۽ بلال ٻوڳاڻي پڻ شامل آهن.
هوڏانهن گرفتار ٿيل مهاڻن جي وارثن جو چوڻ آهي ته هڪ ئي ڪٽنب جي چئن ڀاتين سميت لانچ تي سوار 11 مهاڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.