پارس بکراڻي ۽ ظهور سومري لاءِ سول ايوارڊ جو اعلان

شڪارپور: منڇر شاھ واري علاقي ۾  پوليس آپريشن دوران ڏوھارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي سندس مڙس ظھور سومرو لاءِ صوبائي گھرو وزير ضيالحسن لنجار پاران سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي جڏھن ته زخمي آفيسرن ۽ اھلڪارن سان عيادت جو سلسلو ھلندڙ آھي صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو ضياالدين اسپتال پھچي ڪري پي پي اڳواڻ فريال ٽالپر پاران پارس بکراڻي لاء موڪليل گلدستو ۽ ڏھ لک روپيا علاج لاء ڏنا چيئر مين ميونسپل ڪاميٽي فياض محمود شيخ فراز امتياز شيخ پڻ اسپتال پھچي پارس بکراڻي سميت زخمي اھلڪارن جي عيادت ڪئي گلدستا پيش ڪيا جڏھن ته بيريسٽر عمر سومرو پاران پڻ پارس بکراڻي سان فون تي رابطو ڪري ڏوھارين خلاف بھادري سان مقابلو ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو کيس چيو ته اوھان باھمت  خاتون آھيو اوھان جي بھادري کي سلام آھي سنڌ جي خصوصن شڪارپور جي شھرين کي اوھان تي ناز آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.