اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽر فيصل واوڊا اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جي سزا تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته 9 مئي ڪيسن اڃا آهن ۽ جنهن سياسي پارٽي اهو ڪيو انهي جو فيصلو ڀت تي نظر اچي رهيو آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي فيصل واوڊا چيو ته منهنجي اها ڳالهه به صحيح ثابت ٿي ته فيض حميد کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ڦاهي جي سزا نه ٿي. هن چيو ته اڃا ته 9 مئي ڪيسن جو فيصلو اچڻو آهي جنهن ۾ انهن تباهي مچائي، رياست، سياست، عدليه ۽ جمهوريت کي نقصان پهچايو. ميڊيا تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، انهي فيصلي سان ظاهر ٿي ويو آهي ته پاڪستان کان وڏو ڪنهن جو به پيءُ نه آهي. هاڻ سزا ۽ جزا جي بنياد رکي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جو ٽرائل اڃان هلي رهيو آهي جنهن جي سزا گهٽ ۾ گهٽ 14 سال آهي جيڪا به سياسي پارٽي انهن ڪيسن ۾ ملوث هئي جيڪا ڊرامي بازي پي ٽي آءِ ۽ انهي جي باني ڪئي جنهن بربريت سان ماڻهن کي مارايو ويو .