اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته قوم سالن تائين فيض حميد ۽ جنرل باجوا جي پوکيل ٻجن جو فصل لڻندي . هن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي رد عمل ڏيندي چيو ته الله اسان کي طاقت ۽ اقتدار کي الله جي عطا سمجهي ان کي سندس مخلوق لاءِ استعمال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، الله اسان کي معاف ڪري، حڪمرانن ۾ خوف خدا پيدا ٿئي. آمين.