بيجنگ (عوامي آواز رپورٽ) چين پنهنجي سيمي ڪنڊڪٽر ۽ ناياب زمين جي معدنيات جي صنعت ۾ خود ڪفالت حاصل ڪئي آهي ۽ آمريڪي پابندين جي باوجود پنهنجي ٽيڪنالاجي ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪيو آهي. چين جي ناياب زمين جي معدنيات جي برآمدات نومبر ۾ تقريبن 27 سيڪڙو وڌي وئي آهي. چين عالمي سطح تي معيار ۽ پريميئم شين تي ڌيان ڏنو آهي ۽ پنهنجي سپلائي چين ۾ خودمختياري حاصل ڪئي آهي. چين آمريڪي سيمي ڪنڊڪٽر ٺاهيندڙ ڪمپني کي به جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته هاڻي اسان جي شرطن تي ڪم ڪرڻو پوندو. تجزئي نگار جاويد حسن موجب چين جي پيداواري صلاحيت جي 7 ملڪن جي برابر يا ان کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سڌو سنئون چين جي ماڊل کي اختيار نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته هر ملڪ جون سماجي، معاشي ۽ ثقافتي حالتون مختلف آهن ۽ رڳو پنهنجي تاريخي روايتن ۽ معاشي ڍانچي جي مطابق هڪ نظام ٺاهي سگهي ٿو.