چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فيض حميد خلاف فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪي فيصلي سان واضح پيغام آهي ته فيض حميد غير قانوني ڪم ڪري رهيو هو.
چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيض حميد بابت تاريخي فيصلو آيو آهي پر وڌيڪ ٽرائل اڃا جاري آهي، فيض حميد وٽ اپيل لاءِ به فورم هوندا.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ بابت باقاعدي ڳالهيون ناهن ٿيون، گورنر راڄ هڪ آئيني آپشن موجود آهي، پي ٽي آءِ وفاق کي مجبور ڪري رهي آهي ۽ اهي پاڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ فريال ٽالپر کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، اڄ عمران خان پاڻ جيل ۾ آهي، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طور طاقت جي نشي ۾ ڌمڪيون ڏيندو هو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق جون مالي ڏکيائيون گهٽائڻ لاءِ سڀني کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پ پ سهڪار جاري رکندي، صوبي جا اختيار گهٽائڻ بنا وفاق جون ڏکيائيون گهٽائي سگهجن ٿيون.
You might also like