اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين 20 ۽ 21 ڊسمبر تي قومي ڪانفرممخالف ڌر جي ذريعن موجب، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن مطابق، پيپلز پارٽي سان رابطو تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي 2 روزه قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.ذريعن مطابق، مسلم ليگ ن کي قومي ڪانفرنس ۾ دعوت نه پئي ڏني وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ڪانفرنس ۾ سياسي ڊائلاگ جو رستو ڳولڻ تي غور ڪيو ويندو. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان 20 ۽ 21 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ قومي مشاورتي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پڌرائي مطابق، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو هنگامي اجلاس محمود خان اچڪزئي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، آئين جي صورتحال ۽ پارلياماني معاملا تفصيل سان ڏٺا ويا. اجلاس ۾ علامه راجا ناصر، اسد قيصر، مصطفيٰٰ نواز کوکر ۽ ٻين رهڻن پڻ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 20 ۽ 21 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ قومي مشاورتي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ مخالف ڌر جماعتون، بار ڪائونسلز ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گهرايو ويندو.