چيف جسٽس، جج جي پٽ خلاف ڪارروائي ڇو نٿو ڪري؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) صحافي ۽ تجزئي نگار مبشر لقمان هڪ پروگرام ۾ چيو آهي ته هڪ پاسي چيو پيو وڃي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، ٻئي پاسي عدالتن مان به چوريون ٿي رهيون آهن، لاهور جي جج جو ريڊر ٻن صوفن ۽ هڪ هينڊ واش جي چوري جي رپورٽ لکرائڻ ٿاڻي پهتو. ايف آءِ آر موجب، جج جي عدالت مان اها چوري ٿي. ذريعن موجب ان جي جاچ سي سي ڊي کي ڏني وئي آهي.  ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج جي پٽ ٻن نوجوان نارين کي گاڏي سان چيڀاٽي ماري ڇڏيو، سندس پٽ هڪ ڏينهن به جيل ۾ نه رهيو.  جيڪڏهن جج جي ڌيئرن کي ڪير بيدردي سان ائين قتل ڪري ڇڏي ته جج ڇا ڪندو؟ جوابدار ڪلاڪ به جيل ۾ نه رهي ۽ ديت جو فيصلو ٿي وڃي، اهو ڪهڙي قسم جو قانون آهي؟  چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ڇا ڪري رهيو آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.