ڪئميرائن ذريعي لکين رپين جا چالان، ڏوهاري ۽ ڍڪ چور آزاد!

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم لاڳو ٿيڻ کان وٺي شهرين کي لکين چالان جاري ڪيا ويا پر اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ڏوهاري، ٽارگيٽ ڪلرز ۽ گٽرن جا ڍڪ چوري ڪندڙ اڃا تائين ڪيمرائن جي گرفت کان آزاد آهن، پوليس موجب ڪراچي جو سيف سٽي منصوبو هڪ مڪمل نگراني ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم آهي، جنهن تحت شهر جي مختلف هنڌن تي نمبر پليٽ پڙهندڙ ڪئمرائون ۽ چهري جي سڃاڻپ واريون ڪئمرائون لڳل آهن، اي چالان لاءِ بنيادي طور تي اي اين پي آر ۽ سي سي ٽي وي ڪئمرائون استعمال ٿين ٿيون، جڏهن ڪو گاڏي وارو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته ڪيمرا ان جي تصوير يا وڊيو وٺي نمبر پليٽ جي سڃاڻپ ذريعي خودڪار طريقي سان چالان جاري ڪري ٿي جنهن سان گڏ ثبوت به هوندا آهن، اي چالان سسٽم جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ 1076 ڪئمرائون لڳايون ويون، هن سال شهر ۾ لڳ ڀڳ 59 هزار اسٽريٽ ڪرائيم جا واقعا ٿي چڪا آهن، شهرين کان 15 هزار کان وڌيڪ موبائل، 6 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون کسيون ويون،  لڳ ڀڳ 37 هزار چوري جون وارداتون ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.