پوليس سنڌين سان غلامن جهڙو ورتاءُ پئي ڪري:عوامي تحريڪ

تنگواڻي(پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجي ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو تنگواڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪالهه آچر واري ڏينهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس او پي ايف ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ قادر ڀٽو جي گهر ٿيو. جنهن ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺي اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. امڪاني 28هين ترميم ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي ،ڊيمن، ڪينالن، معدني وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن، ڌاڙيل راڄ، 26هين ۽ 27 آئيني ترميم، قبيلائي دهشتگردي، ڪارو ڪاري، عورتن جي قتلام خلاف عوامي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻي ۾ اعلانيل سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ جي تيارين جو جائزو پڻ ورتو ويو هو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته هلندڙ مهيني ڳوٺ ڳوٺ وڃي عوامي سجاڳي مهم هلائي سنڌي قوم کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو ويندو، هنن چيو ته ڪالهه ڪراچي ۾ ثقافتي ريلي تي پوليس وحشياڻو تشدد ڪيو، معصوم ٻارڙن کي به گرفتار ڪيو ويو ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو جواز ڄاڻايو ويو. هنن چيو ته  پوليس سنڌي قوم کي غلام سمجهي غلامن وارو ورتاء ڪري رهي آهي. پوليس آئين ۽ قانون بدران پيپلز پارٽي جي ماتحت ڪم ڪري رهي آهي. قلم 144 باوجود پيپلز پارٽي جلسا ڪيا پر پيپلز پارٽي تي ڪا به ايف آئي آر نه ٿي پر جڏهن سنڌي قوم پنهنجي ثقافت اجاگر ڪرڻ لاءِ روڊن تي آئي ته پوليس تشدد ڪري، گار گند ڪري، معصوم ٻارڙن کي به گرفتار ڪيو، جيڪو پيپلز پارٽي جو بزدلاڻو عمل آهي. هنن چيو ته  28هين ترميم ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڪچي جي ڌاڙيلن کي نيٽو جا هٿيار سرڪاري سردارن جي سرپرستي ۾ فراهم ڪيا پيا وڃن، ڌاڙيلن کي مڪمل طور پيپلز پارٽي سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي، هنن چيو ته جن ماڻهن جو ڪم بارڊر کي مضبوط ڪرڻ آهي، بارڊر تان هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ آهي سي پنهنجو ڪم ڇڏي ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ جهڙن تڪراري منصوبن ۾ لڳل آهن. اسين کين چئون ٿا ته اوهين پنهنجو ڪم ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن قومن جي قاتل منصوبن تان هٿ کڻي وڃو پريس ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جو اڳواڻ صدام کوسو، سلطان گجراڻي، تاج کوسو، الله بخش نندواڻي ۽ نيڪ کوسو پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.