پي ٽي آءِ تي پابندي؟ بئريسٽر گوهر اهم سوال اُٿاري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر سوال اُٿاريو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان سرٽيفڪيٽ جاري ناهي ٿيو ته پي ٽي آءِ تي ڪيئن پابندي لڳائي وئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪِ انصاف تي پابندي بابت اليڪشن ڪميشن اڃا تائين اسان کي ڪو سرٽيفڪيٽ ناهي ڏنو.
هن چيو ته جڏهن ڪو سرٽيفڪيٽ جاري ئي ناهي ٿيو ته پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيئن پي ٽي آءِ تي پابندي مڙهي ڇڏي؟
بئريسٽر گوهر موجب، پي ٽي آءِ بلوچستان مڪاني چونڊن لاءِ پنهنجو ڪو به اميدوار ميدان تي ناهي بيهاريو، جڏهن ته اسان چونڊن ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي پليٽفارم تان حصو ورتو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سياسي پارٽين تي پابنديون لڳائڻ سان ڪم نه هلندو، ٻن سالن کانپوءِ به جيڪڏهن نوَ مئي تي بيٺا آهيو ته اِها ملڪ لاءِ بدقسمتي جي ڳالهه آهي ڇو ته پنجويهه ڪروڙ عوام ايوان ڏانهن واجهائي رهيو آهي ۽ هو بهتريءَ جي اميد پڻ رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.